سائنسدانن حد ڪري ڇڏي، هڪٻئي سان ڳالهائڻ وارا ڪپڙا تيار، تالا به کولي ۽ بند ڪري سگهندا

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪا ۾ سائنسدانن اهڙو هاءِ ٽيڪ ڪپڙو تيار ڪيو آهي جنهن سان مستقل ۾ ڪپڙا پنهنجو پاڻ سان ڳالهه ٻولهه ڪري سگهندا.

باتوني ڪپڙن جو ڪارنامو پيٽر سينگ ۽ عامر حسيني آغا جاني گڏيل طور انجام ڏنو آهي، اهي ميٽا مٽيريئلز سان ٺهيل آهن ۽ وائرليس جي مدد سان ڄاڻ ۽ ڊيٽا جي مٽا سٽا ڪري سگهندا.

وائرليس طرز جي نيئر فيلڊ ڪميونٽي ڪيشن (اين ايف سي) ٽيڪنالاجي هاڻي عام آهي جنهن جي تحت ڪجهه انچن سان چار فوٽ پري تائين وائرليس رابطو ڪيو ويندو، ان ٽيڪنالاجي کي لباس ۾ مٽايو ويو آهي.

اهڙي ريت ڪارڊ سان دروازا کولڻ، اسمارٽ فون سان رقم ادا ڪرڻ واري عمل ۾ اسان نيئر فيلڊ ڪميونٽي ڪيشن استعمال ڪري رهيا آهيون، پر هاڻي لباس جي موجد پيٽرسينگ چون ٿا ته بلڪل ان ئي ٽيڪنالاجي اسان ان عمل حد وڌائي سگهون ٿا.

مطلب ته هاڻي اهو ممڪن آهي ته فون کيسي ۾ رکيل هجي ۽ هڪ ٻانهن کي ٻئي ٻانهن سان رڳڙڻ سان فون جي سڄي ڄاڻ، بزنس ڪارڊ ۽ ٻئي ڊيٽا سيڪنڊن ۾ ٻئي شخص تائين پهچائي سگهجي ٿي.

انکان اڳ به نيئر فيلڊ لباس بڻايا ويا آهن پر انهن ۾ هڪ کوٽ هئي ته سڄي لباس ۾ تارن جو ڄار گهربل هوندو هو ۽ ائين چرپر رهجي ويندي هئي ۽ لباس به بي آرام هوندو هو جڏهن ته بيٽري کان پاڪ لباس ٽامي ۽ المونيم جي سنهي تهن تي ٻڌل آهي جيڪو چڪمقي انڊڪشن ذريعي سگنل کڻندو آهي، اهڙي ريت لچڪدار ۽ آرام ڏيندڙ لباس کان ٻئي لباس تائين پيغام پهچائڻ وارو عمل ممڪم ٿي ويندو آهي.

ان لباس کي اسپتال ۾ مريضن کي پهرائي انهن ۾ ڪيترن ئي قسمن جا سينسر لڳائي سگهجن ٿا ۽ ڊاڪٽر انهن کان لڳاتار طبي ڊيٽا وٺي سگهن ٿا، ٻه اڻڄاڻ دوست هڪٻئي سان هٿ ملائي هڪ ٻئي جي ڪاروبار ۽ ٻئي ڄاڻ جي مٽاسٽا ڪري سگهن ٿا، اهڙي ريت لباس ذريعي ڪار کولڻ ۽ گهر جو تالو بند ڪرڻ جو ڪم به سولو ٿي ويندو.

عامر جي موجب انهن جو لباس واپاري بنيادن تي تيار ڪرڻ تمام سولو آهي ۽ ان سان گهٽ لاڳت پر اعليٰ فيشن ۽ ڊيزائن جا ڪپڙا به ٺاهي سگهجن ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.