واٽس ايپ ميسيج تي هاڻ جذبن جو اظهار ڪرڻ لاءِ ريپلاءِ جي ضرورت نه پوندي!

 

واٽس ايپ تي هاڻ توهان کي آيل ڪنهن ميسيج تي جذبن جو اظهار ڪرڻ لاءِ تحريري ريپلاءِ جي ضرورت نه پوندي.

واٽس ايپ اينڊرائيڊ ايپ جي بيٽا ورزن ۾ هڪ نئون فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي، فيس بُڪ ميسينجر ۾ ميسيج ري ايڪشنز جو فيچر ته گهڻي عرصي کان موجود آهي پر هاڻ گهٽ ۾ گهٽ بيٽا ورزن جي واهپيدارن لاءِ واٽس ايپ ۾ به ان کي متعارف ڪرايو ويو آهي.

فيس بڪ ميسينجر استعمال ڪندڙ ته ان فيچر کان چڱي ريت واقف آهن پر هاڻ اهي واٽس ايپ ۾ به جلد ڪنهن ميسيج تي ايموجي ذريعي پنهنجو ردعمل ظاهر ڪري سگهندا.

ان ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ ان فيچر تي وڏي وقت کان ڪم جاري آهي ۽ هاڻ وڃي اهو بيٽا ورزن ۾ پيش ڪيو ويو آهي، جنهن سان اشارو ملي ٿو ته ايندڙ وقت ۾ اهو سڀني واهپيدارن لاءِ دستياب هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.