ڪراچي ۾ ڊينگيءَ جا حملا تيز، 3 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ جيان ڪراچي ۾ به ڊينگي جا هاڃا جاري آهن ۽ وائرس سبب وڌيڪ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

صوبائي صحت کاتي جي ترجمان موجب ڊينگي سان لاڏاڻو ڪري ويندڙن جو واسطو ڪورنگي، ملير ۽ وچ ضلعن سان آهي.

ترجمان ٻڌايو ته صوبي ۾ هلندڙ سال ڊينگي سان فوت ٿيندڙن جو مجموعي انگ 22 ٿي ويو آهي.

صحت کاتي جي ترجمان موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 78 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي، ڪراچي مان 48، حيدرآباد مان 16، عمرڪوٽ مان 9، ٿرپارڪر مان 2 ۽ مٽياري مان هڪ مريض سامهون آيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.