سوڀوديرو: قانوني ۽ سماجي معاملن کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ سيمينار

ڊگري ڪاليج سوڀوديرو جي آڊيٽوريم هال ۾ قانوني ۽ سماجي معاملن کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ سيمينار ڪوٺايو ويو.

سيمينار ۾ قانون دانن مهمان خاص اختر حسين جبار، شاهد حسين سومرو، اڳوڻي جج اشفاق احمد شاه بخاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي مقررن سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته هن معاشري ۾ سماجي براين جو جڙ جاگيرداري ۽ وڏيرڪو نظام آهي، عام ماڻهون کي پنهنجي حقن لاءِ جاڳڻو پوندو، جيڪڏهن اسان پنهنجا ٻچا وٺي هڪ فرد کي ووٽ ڏئي ايوانن تائين پهچايون ٿا ته ان مٿان فرض ٿئي ٿو ته هو اسان جا بنيادي مسئلا حل ڪري.

هنن چيو ته جيسيتائين اسان قانون ۽ سماج ۾ پنهنجي حق وٺڻ جي سگھه پيدا نه ڪندا سين تيستائين ناظم جوکيو  جهڙا واقعا ٿيندا رهندا .،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.