گئس بحران ناهي، گهريلو سطح تي گهر وڌندي پئي وڃي: حماد اظهر

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي بابت وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته ايل اين جي ۽ سياري ۾ ٿيندڙ گئس بحران جو پاڻ ۾ ڪو واسطو ناهي، گهريلو سطح تي گئس جي گهر وڌي رهي آهي.

خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي حماد اظهر چيو ته معاهدي موجب اسان ايل اين جي جا 14 ڪارگو وٺي ئي نٿا سگهون پر هڪ سال اندر اسان 4.5 ملين ٽن جي حساب سان 12 ڪارگو ئي خريد ڪري سگهون ٿا.

هن چيو ته ماضي ۾ ن ليگ روس جي هڪ بليڪ لسٽ ڪمپني سان ايل اين جي جي خريد ۽ وڪري جو معاهدو ڪيو، اهو معاملو روسي اختيارين سامهون اٿاريو ويو، هڪ ٻه مهينن ۾ اهو مسئلو به حل ٿي ويندو.

سندس چوڻ هو ته نيپرا آر ايل اين جي پلانٽن کي فيول نه ملڻ سبب پئسا نه ڪاٽيا پر گهريلو سطح تي گئس جي گهر وڌندي پئي وڃي، بلوچستان جي علائقي سوئي ۾ گئس جو ذخيرو اسان کي ڪٿي نه پيو ملي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.