”وقتي نه پر ڊگهي ترقي جا خواهشمند آهيون، عوام ٻيهر به مينڊيٽ ڏيندو“

ملتان (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته تحريڪ انصاف جو مشن عوام جي خدمت آهي ۽ خواهش انهن کي ڪنڌ کڻي هلندي ڏسڻ آهي.

ملتان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته تحريڪ انصاف قوم کي هڪ مضبوط نظام ۽ سٺو مستقبل ڏيڻ چاهي ٿي، اسان ڊگھي سوچ رکندي قدم کنيا آهن ته جيئن ايندڙ نسلن لاءِ ڪجهه ڪري سگهون.

هن چيو ته اهي ئي ملڪ ترقي ڪندا آهن، جيڪي ايندڙ نسلن جو سوچيندا آهن، حڪومت وقتي نه پر ڊگهي ترقي جي خواهشمند آهي ته جيئن عوام ڪنڌ کڻي گهمي سگهي ۽ ملڪ جو وقار بلند رهي.

سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف حڪومت جو مشن عوام جي خدمت آهي، جنهن لاءِ قدم جاري آهن، اقتدار کان ٻاهر ويٺل ڪجهه سياستدانن کان ملڪي ترقي هضم نه پئي ٿئي، اهي جيڏو به گوڙ ڪن ملڪي ترقي جو ڦيٿو نه بيهندو.

شاهه محمود قريشي چيو ته اقتدار کان ٻاهر ويٺل مايوس سياستدانن کي انتظار ڪرڻو پوندو، ڇو ته انهن جي حڪومت ختم ٿيڻ جي خواهش خواهش ئي رهندي، تحريڪ انصاف نه رڳو مدو پورو ڪندي ۽ عوام پارٽي کي ٻيهر به مينڊيٽ ڏيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.