معزز ججن کي سياسي ميڙاڪن کان پري رهڻ گهرجي: شهزاد اڪبر

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) احتساب ۽ گهرو معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار شهزاد اڪبر چيو آهي ته معزز ججن کي سياسي ميڙاڪن کان پري رهڻ گهرجي.

شهزاد اڪبر، عاصمه جهانگير جي ياد ۾ تعزيتي ڪانفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي خطاب جي حوالي سان ردعمل ڏنو.

هن چيو ته چيف جسٽس کانپوءِ مفرور شخص جو خطاب رکيو ويو، معزز ججن کي اهڙن سياسي ميڙاڪن کان پري رهڻ گهرجي.

سندس چوڻ هو ته نواز شريف جو خطاب رکڻ تي ڪانفرنس جي انتظاميا جي غير جانبداري تي سنجيده شڪ شبها پيدا ٿيا آهن.

واضح رهي ته ان کان اڳ فواد چوڌري به نواز شريف جو خطاب رکڻ تي ڪانفرنس ۾ شرڪت کان معذرت ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.