تنگواڻي: ڪراچي ۾ قتل ڪيل پورهيت جي وارثن جو لاش رکي ڌرڻو

ڪراچي ۾ گھٽا ڏئي بيدردي سان قتل ڪيل تنگواڻي واسي پورهيت جي وارثن پاران لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو.

تنگواڻي واسي ڳوٺ عبدالطيف جروار جي پورهيت دوست محمّد کوسو جي ظالماڻي قتل خلاف سندس وارثن پاران شهر جي بس اسٽينڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو.

ان موقعي تي مقتول جي ڀاءُ ابوبڪر کوسو، رحمدل لاشاري، عبدالجبار کوسو، ۽ ٻين جو چوڻ دوست محمد کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي بنا ٻڌائڻ جي پوليس ۽ ڇيپا حوالي ڪيو ويو ۽  قتل ۾ ملوث ٺيڪيدار ۽ بلڊر خلاف ڪارروائي ته ٺهيو پر کين جاچ ۾ به شامل ناهي ڪيو ويو.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيوته جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.