ڀان سيد آباد: مهاڻن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان ريلي

ڀان سيد آباد ۾ مهاڻن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان منڇر بچايو تحريڪ پاران ريلي ڪڍي وئي.

منڇر بچايو تحريڪ جي چيئرمين مولابخش ملاح جي اڳواڻي ۾ مين بوبڪ بند تائين ريلي ڪڍي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته منڇر ڍنڍ کي هٿ سان تباهه ڪيو پيو وڃي، منڇر ۾ هن وقت پاڻي جي سطح 12 فوٽ بچي جيڪو آبپاشي کاتي پاران درياهه ۾ نيڪال ڪيو پيو وڃي جڏهن ته ڍنڍ جو پاڻي زهريلو بڻجي چڪو آهي جنهن سبب مهاڻن جي ڪمائي جو ذريعوختم ٿي ويو آهي.

احتجاج ڪندڙن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته منڇر جي بحالي لاءِ تڪڙا قدم کڻي مهاڻن جي روزگار جو بندوبست ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.