سوڀوديرو: گمبٽ مان گم ٿي ويل ناري جي بازيابي لاءِ احتجاج

سوڀيديري ۾ گمبٽ مان پراسرار نموني گم ٿي ويل ناري جي بازيابي لاءِ ڳوٺاڻن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

موجب تيرهن ڏينهن اڳ گمبٽ مان پراسرا نموني گم ٿي ويل ناري سويرا کھڙو جي بازيابي لاءِ ڳوٺ ڪوڙل کھڙو جي رهواسين پاراڪ پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي ناري جي پيءُ رياض حسين کھڙو ۽ ٻين چيو ته 13 ڏينهن گذرڻ باوجود ناري سويرا جو پتو ناهي پئجي سگھيو، پوليس هن وقت تائين نياڻي جو پتو ناهي لڳائي سگھي.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان گھر ڪئي ته ناري کي بازياب ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.