ميرپورماٿيلو: ڳوٺاڻن جو پوليس خلاف احتجاج

ميرپورماٿيلي ڀرسان ڳوٺاڻن پاران پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڳوٺ صالح محمد ڀٽي رهواسين علي مراد، الله بخش،  هزارخان دوهو ۽ ٻين پاران سندراڻي پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي ڳوٺاڻن الزام هڻندي چيو ته جوابدار محمد دوهو ۽ ٻيا اسان جي 14 ورهين جي نياڻي   عظمت کي اغوا ڪري کڻي ويا آهن پر پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران اسان کي تنگ ڪري رهي آهي.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري نياڻي کي بازياب ڪرايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.