ملڪ ۾ گئس بحران اثر ڏيکارڻ لڳو، عوام ٻن ويلن لاءِ پريشان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سيارو ايندي ئي گئس ناياب ٿيندي پئي وڃي ۽ ڪيترن ئي شهرن ۾ گئس جي کوٽ شهرين جون ڏکيائيون وڌائي ڇڏيون آهن.

ٿڌ وڌڻ سان گڏ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ شروع ٿي وئي آهي، ڪراچي، سکر، ميرپورخاص، پشاور، ڪوئيٽا، گوجرانوالا، ملتان سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ گئس جي اڻ هوند شهرين کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي.

گئس جي لوڊشيڊنگ ۽ گهٽ پريشر سبب ٻه ويلا گذارڻ به عوام لاءِ ڏکيو ٿي ويو آهي، مهانگائيءَ جي طوفان سبب ٻاهران کاڌو گهرائڻ لاءِ عوام لاءِ ڪنهن چئلينج کان گهٽ ناهي.

گئس کوٽ سبب جتي گهريلو واهپيدار تڪليف ۾ آهن، اتي ئي وري ملڪ جي مختلف شهرن ۾ صنعتي علائقن ۾ به گئس جي کوٽ سبب پيداوار متاثر ٿي رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.