آفيسرن جي روٽيشن پاليسي تي اعتراض، وفاق سنڌ حڪومت کي تحريري جواب موڪلي ڇڏيو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آفيسرن جي روٽيشن پاليسي تي اعتراض کانپوءِ وفاق سنڌ حڪومت کي تحريري جواب موڪلي ڇڏيو.

پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس ۽ پوليس سروس پاڪستان جي 20هين گريڊ جي آفيسرن جي روٽيشن پاليسي تحت بدلي تي وفاق ۽ سنڌ ۾ تڪرار پيدا ٿي ويو.

سنڌ حڪومت کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته 10 سالن کان مقرر آفيسرن جي مرحلي وار بدلي تي سنڌ جي چيف سيڪريٽري سان 3 ڀيرا مشاورت ڪئي وئي، سڀني صوبن ان تي عمل ڪيو پر سنڌ حڪومت ماضي جيان نه جواب ڏنو ۽ نه عمل ڪيو، ڪنهن حڪومت پي ايس پي ۽ پي اي ايس گريڊ 20 جي آفيسرن جي بدلين تي اعتراض نه اٿاريو.

وفاقي حڪومت سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي خط لکي ٻڌايو ته اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي روٽيشن پاليسي تحت آفيسرن جي بدلين تي چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ايس اينڊ جي اي ڊي کاتي سان 3 ڀيرا مشاورت ٿي چڪي آهي.

ٻئي ۽ ٽئين مرحلي ۾ آفيسرن جي فهرست سنڌ حڪومت سان شيئر ڪئي وئي ۽ شفافيت کي ڏسندي آفيسرن جي فهرست ويب سائيٽ تي به جاري ڪئي وئي، سنڌ حڪومت جو اعتراض ۽ عمل نه ڪرڻ سول سروس رولز 1954 جي موجب ناهي.

خط ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پي اي ايس ۽ پي ايس پي ڪيڊرز جي مقرري ۽ بدلين جي منتظم آهي، روٽيشن پاليسي تحت پي اي ايس ۽ پي ايس پي آفيسرن کي فوري طور تي رليو ڪيو وڃي ته جيئن اهي پنهنجي ڊيوٽي جوائن ڪري سگهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.