غوثپور: ڳوٺاڻن پاران نوجوان کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف مظاهرو، ڌرڻو

غوثپور  ۾ ڳوٺاڻن پاران نوجوان کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

غوثپور  ويجهو ڳوٺ ڳڙھي لاڙو جي رهواسين جو پاران نوجوان کي کنڀي گم ڪرڻ واري واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو  هنيو ويو.

ان موقعي تي ڳوٺاڻن امابخش اوڳاهي، نظير احمد، شاھ بخش اوڳاهي ۽ ٻين چيو ته اسان جي نوجوان منو اوڳاهي کي پوليس گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي.

هنن چيو ته نوجوان مٿان ڪو به ڪيس داخل نه آهي جيڪڏهن ڪو ڏوهه آهي ته کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

احتجاج ڪندڙن ايس ايس پي شڪارپور ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوجوان کي آزاد ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.