ڄامشورو: شهر ۽ ڀرپاسي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف احتجاج

ڄامشوري ۾ نوجوان اتحاد جي سڏ تي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين پاران وڌندڙ بدامني خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين پاران ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن سيد اسد شاھ، رضوان چانڊيو، پير بخش سھارڻ  ۽ ٻين جو چوڻ ھو تـ سڄي شھر ۾ بدامني جي باھ ٻري رھي آھي، پوليس ڏوهارين سان ٻٽ بڻجي انهن خلاف ڪا به ڪارروائي ناهي ڪري رهي.

احتجاج ڪندڙن اعلي’ اختيارن کان مطالبو ڪيو ته شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ امن قائم ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.