شهدادڪوٽ: سنڌ سيڪيولر اسٽڊي فورم پاران ”سياسي ۽ معاشي صورتحال“ تي تقريب

شھدادڪوٽ ۾ سنڌ سيڪيولر اسٽڊي فورم جي ميزباني هيٺ "سياسي ۽ معاشي صورتحال”تي تقريب ڪوٺائي وئي.

ان موقعي تي عوامي ورڪرز پارٽي جي صوبائي صدر ڪامريڊ بخشل ٿلهو تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ھي دور معاشي پستي، عالمي بحرانن ۽ انتھا پسندي جو آهي، حڪمرانن مان مايوس ٿيڻ ضروري آهي تڏهن ئي نوان دڳ نڪرندا.

هن چيو ته ھتي مزدورن، شاگردن ۽ مظلوم قومن جي خوشحالي لاءِ جدوجهد ڪندڙ لاء غداري جا لقب آهن باقي آڱرن تي ڳڻڻ جيترن کان اسان ڳڻيا نه پيا وڃون. ھو اسان کي مذهبي ۽ لساني بنيادن تي ورھائيندا رھيا آھن، رڳو سوشل ميڊيا ذريعي جاگيرداراڻو نظام ختم نه ٿو ٿي سگهي  ان جو واحد حل زرعي سڌارن ۾ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.