ڪنڌڪوٽ: سنڌ ملاح فورم پاران ملاحن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان ريلي

ڪنڌڪوٽ ۾ سنڌ ملاح فورم پاران ملاحن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي.

اڳواڻن غلام مصطفيٰ ميراڻي، غلام رسول، بشير احمد ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جهولي لال پمپ تائين ريلي ڪڍي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ آباد لکين مهاڻا قدرتي وسيلن کان بي اختيار ۽ زندگي جي بنيادي سھولتن کان محروم بڻيل آهن، حڪومت جي عدم دلچسپي ۽ خراب منصوبابندي سبب موھاڻن جو  روزگار  متاثر ٿيو آهي حڪومت جي غلط پاليسين سبب مهاڻا بدترين معاشي بدحالي جو شڪار آهن.

هنن چيو ته پاڻي جي ذخيرن تي ملاحن کي مالڪي جو اختيار ڏنو وڃي ۽ ملاحن جي ڀلائي لاءِ منصوبا جوڙي کين بنيادي سھولتون فراھم ڪيون وڃن ـ

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.