”سياسي اشرافيا جي مدد سان سرڪاري زمين تي قابض لينڊ مافيا خلاف ايڪشن وٺنداسين“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سياسي اشرافيا جي مدد سان لينڊ مافيا ٻيلن سميت رياستي ايراضي تي قبضو ڪيو آهي، قبضو ڪيل سرڪاري ايراضي جي مجموعي ويليو 5 هزار 595 ارب رپيا آهي.

ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ ٻيلن جي ايراضي گهٽجڻ جو هڪ سبب زمين تي قبضو آهي، جڏهن اسان لينڊ ريڪارڊ کي ڊجيٽلائز ڪرڻ لاءِ ڪيڊيسٽريل ميپنگ ڪئي ته اهڙي مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو، جهڙي مزاحمت اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين خلاف به ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته سرڪاري ايراضي جي ميپنگ جي پهرئين فيز ۾ حيران ڪندڙ حقيقتون سامهون آيون، سياسي اشرافيا جي مدد سان لينڊ مافيا رياستي ايراضي تي قبضو ڪيو آهي، قبضو ڪيل سرڪاري ايراضي جي مجموعي ويليو 5 هزار 595 ارب رپيا آهي، جڏهن ته ٻيلن جي قبضي ٿيل زمين جي ويليو هڪ هزار 869 ارب رپيا آهي.

سندس چوڻ هو ته سرڪاري ايراضي جي ڊجيٽل رڪارڊ کانپوءِ هاڻ اسان لينڊ مافيا ۽ ان جي سهولتڪارن خلاف ايڪشن وٺنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.