نواز شريف جو خطاب رکڻ تي فواد چوڌري، عاصمه جهانگير ڪانفرنس ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناليواري قانوندان عاصمه جهانگير جي ياد ۾ رٿيل ڪانفرنس جي انتظاميا طرفان پڄاڻي جي سيشن ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو خطاب رکڻ تي سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري ڪاوڙجي پيو.

ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ فواد چوڌري لکيو ته چيف جسٽس ۽ سينيئر ججن جي تقرير کانپوءِ هڪ مفرور شخص جو ڪانفرنس سان پڄاڻيءَ وارو خطاب رکڻ ججن ۽ عدليا جي توهين آهي، اهو ملڪ ۽ آئين جو مذاق اڏائڻ جهڙو آهي.

هن چيو ته اڄ مون کي عاصمه جهانگير ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي هئي، مون کي ٻڌايو ويو آهي ته ڪانفرنس جي پڄاڻي هڪ مفرور جوابدار جي تقرير سان ٿيندي، جنهن تي مان ڪانفرنس ۾ شرڪت کان معذرت ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.