لاڙڪاڻي ۾ پوليس هڪ ڄڻي کي گوليون هڻي ڇڏيون

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندس وٽان جي ٿري رائيفل هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي کيس اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڏوهاري مقابلي جڙتو قرار ڏيندي جاچ جي گهر ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه باڊهه ٿاڻي جي پوليس گشت دوران ڏيرا روڊ تي پارڪو پائيپ لائين وٽان مبينا مقابلي ۾ خيرو ديرو واسي ڏوهاري قلندربخش پٽ محمد بخش لاشاري کي جي ٿري رائيفل سميت گرفتار ڪري کيس چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي سندس جو علاج جاري آهي. ان حوالي سان ايس ايس پي عمران قريشي ٻڌايو ته زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري پنهنجي ساٿين سان گڏجي ڏوهه جي ارادي سان ڏيرا روڊ تي پارڪو پائيپ لائين وٽ ڏوهه جي ارادي سان بيٺو هو جتي باڊهه پوليس مقابلي دوران کيس زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندس وٽان جي ٿري رائيفل هٿ ڪري کيس اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. ايس ايس پي وڌيڪ ٻڌايو ته زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري مٿان رتوديرو ٿاڻي جي گناهه نمبر 2021/86 قلم 324، 353، 148، 149، گناهه نمبر 2021/156 قلم 399، 402، 324، 353، 148، 148، ڌامراهه ٿاڻي تي گناهه نمبر 2021/21 قلم 324، 353، 148، 149، لاشاري ٿاڻي تي گناهه نمبر 2017/15 قلم 324، 353، باڊهه ٿاڻي تي گناهه نمبر 2021/72 قلم 402، 353، 324، 148، 149، گناهه نمبر 2021/74 قلم 24 ايس اي اي جي ڪيسن ۾ روپوش ۽ گهربل هو جنهن جي فرار ٿي ويل ڏوهاري ساٿين جي ڳولا جاري آهي. هوڏانهن مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڏوهاري جوابدار قلندر بخش پٽ محمد بخش لاشاري صحافين کي ٻڌايو ته رتوديرو پوليس 15 ڏينهن اڳ گرفتار ڪري رشوت گهري نه ڏيڻ تان رات باڊهه ٿاڻي جي حد ۾ جڙتو مقابلي ۾ زخمي ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.