لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن جي نوجوان کان ڦرلٽ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ بدامني جي باهه، هٿياربند ڦورن اسٽيٽ ايجنسي هلائيندڙ نوجوان کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا، وارثن ڏوهارين کي گرفتار نه ڪرڻ ۽ موٽرسائيڪل هٿ نه ڪرڻ تي پوليس خلاف عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرڻ ۽ اڄ شهرين سان گڏجي پوليس خلاف ڌرڻي جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شهر جي باقراڻي ٽاور خالق ڪالوني جي رهواسي واجد علي کوکر پنهنجي ڀائرن ايڊووڪيٽ غلام عباس کوکر، اسٽيٽ ايجنسي هلائيندڙ منور علي کوکر ۽ اياز علي کوکر سان گڏجي دانهيو ته لاڙڪاڻي شهر ۾ امن امان جي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي، ڏوهاري پوليس پڪٽن جي ذريعي شهر جي اهم ڪاروباري مرڪزن ۽ ڳتيل آبادي وارن علائقن ۾ گهڙي هٿيارن جي زور تي واپارين ۽ شهرين جي گهرن ۾ ڌاڙا هڻي ڦرون ڪري آسانيءَ سان فرار ٿي ساڳين ئي پوليس پڪٽون ڪراس ڪري فرار ٿي وڃن ٿا جن کي گرفتار ڪرڻ ۾ لاڙڪاڻو پوليس مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي. هن چيو ته عيدالاضحيٰ جي ٻئي ڏينهن چور منهنجي ڀاءُ منور علي کوکر جي گهر ٻاهريان بيٺل موٽرسائيڪل جا تالا ٽوڙي چوري ڪري فرار ٿي ويا ۽ گذريل رات ٻيهر ٽن هٿياربندن هٿيارن جي زور تي کانئنس موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا اهڙي واقعي خلاف اسان باقراڻي ٽاور وٽ ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو جنهن تي پوليس عملدارن پهچي اسان سان ڳالهيون ڪيون ان تي اسان کين ٽن ڦورن جي سڃاڻپ ڪري انهن جا نالا کين ڏنا جنهن ايس ايس پي لاڙڪاڻو عمران قريشي، ڊي ايس پي امام بخش مٺاڻي ۽ ايس ايڇ او الھ آباد فدا ڀٽي اسان کي موٽرسائيڪل هٿ ڪري ڦورن خلاف ڪاروائي ڪرڻ جي خاطري ڪرائي پر هن وقت تائين ڦورن خلاف ڪا به ڪاروائي نه ٿي آهي. هنن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ بدامني سبب عام شهرين سان گڏ واپاري به غير محفوظ بڻيل آهن مهيني دوران اسان جي علائقي مان 8 کان وڌيڪ موٽرسائيڪلون چوري ۽ ڦر ٿيون آهن پر پوليس ٿاڻي تائين محدود آهي. اسين آءِ جي سنڌ، لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ٿا ڪريون ته فوري طور ڦورن کي گرفتار ڪري موٽرسائيڪل هٿ ڪري واپس ڪرائي وڃي ٻي صورت پوليس خلاف عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائڻ سان گڏ اڄ پوليس خلاف احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.