سڳيون لڳ ڊسپينسر کان ڦر، عملي جو بائيڪاٽ، مظاهرا

سڳيون (ن ع آ) سڳيون ۾ گذريل ڏينهن ارڙي جي مهم دوران پي پي پي ايڇ آء خليفو هرياھ جي سينٽر تي ڪم ڪندڙ ڊسپينسر نذير احمد چنو کان نامعلوم هٿياربند گاجي ڳوٺ وٽان سي ڊي 70 ماڊل 2020 موٽر سائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا ان حوالي سان تعلقي سوڀوديرو جي سمي، سڳيون، سوڀوديرو سميت سمورين سرڪاري اسپتال تي ميزلس روبيله مهم جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، جڏهن تہ سمي اسپتال جي ملازمن پاران سڳيون، هنڱورجا لنڪ روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو ويو جتي ڪيترائي ڪلاڪ ٽريفڪ معطل ٿي وئي ان موقعي تي اڳواڻن راشد مڱڻيجو، غلام حسين، نذير احمد چنو، عمران جمالي، بلاول مڱڻيجو، سهيل ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ سوڀوديرو تعلقي اندر بدامني رڻ ٻاري ڇڏيو آهي جتي گذريل ڏينهن ميزلس روبيله جي مهم دوران اسان جي ويڪسينيٽر کان نامعلوم هٿياربند گاجي ڳوٺ وٽان  سي ڊي 70 موٽر سائيڪل ماڊل 2020 ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا، هنن وڌيڪ چيو تہ اسان ارڙي جي ويڪسين دوران هر گهر وڃي ويڪسين ڪريون ٿا اگر پوليس اسان کي تحفظ فراهم نہ ڪندي تہ اسان روز پيا ڦرجنداسون، هنن وزير اعلي سنڌ، آء جي سنڌ ۽ ٻين اعلي عملدارن کان گهر ڪئي تہ تحفظ فراهم ڪري ڦر ٿيل موٽر سائيڪل واپس ڪرائي ڏني وڃي، ٻئي صورت ۾ ارڙي مهم جو مڪمل بائيڪاٽ ڪري سخت احتجاج ڪيو ويندو… رپوٽر صدورو خان چنا عوامي آواز سڳيون .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.