لاڙڪاڻي ۾ جعلي چيڪ ڏيندڙ جوابدار کي 3 سال قيد جي سزا

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي جي عدالت جعلي بئنڪ چيڪ ڏيڻ واري ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي 3 سال قيد ۽ 20 هزار روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه لاڙڪاڻي جي سيڪنڊ سول جج ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ خالق داد جلباڻي جي عدالت ۾ ڪجهه مهينا اڳ شهر جي مارڪيٽ ٿاڻي تي جڳهه جي ڏيتي ليتي واري معاملي ۾ جعلي بئنڪ چيڪ ڏيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جتي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت ڪيس ۾ نامزد جوابدار امداد سانگي کي 3 سال قيد ۽ 20 هزار روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. ان حوالي سان مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته جوابدار امداد سانگي مٿان شهر جي نشتر روڊ واري علائقي جي رهواسي جڳهه جي ڏيتي ليتي واري معاملي تان 15 لک روپين جو جعلي چيڪ ڏيڻ جو ڪيس داخل گناهه نمبر 2021/09 تحت داخل ڪرايو هو جنهن ڪيس ۾ جوابدار ڪچي ضمانت تي آزاد هو ۽ ڏيڍ مهينو اڳ ضمانت رد ٿيڻ تي پوليس کيس گرفتار ڪري جيل اماڻيو هو جنهن کي اڄ جعلي بئنڪ چيڪ ڏيڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي. هوڏانهن پوليس سزا بعد جوابدار کي لاڙڪاڻو سينٽرل جيل منتقل ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.