ڪڪڙ لڳ پوليس هلان، عورتن ۽ ٻارن تي تشدد، احتجاج

ڪڪڙ (رپورٽر)ڪڪڙ لڳ پوليس جي پورھيت جي گھر تي مبينا چڙھائي عورتن ٻارڙن تي تشدد ڀڃ ڊاھ متاثر جو احتجاج خبر موجب ڪڪڙ پوليس جي ايڊيشنل ايس ايڇ او صالح ابڙو اھلڪارن سان گڏجي ڳوٺ ٺارو آرائين ۾ رات جي انداھي ۾ ٽين بجي پورھيت نظير احمد آرائين جي گھر تي مبينا چڙھائي ڪئي جنھن کان پوء عورتن مٿان تشدد ڪرڻ بعد گھر ۾ ڪيھاٽ پئجي ويا جنھن کان پوء پوليس گھر جي اندر داخل ٿي الماڙين جا شيشا ٽوڙي پتين ج تالاٽوڙي  ٻ لک جي ماليت جو سون ويھ ھزار روڪ رقم موٽر سائيڪل ٻيو قيمتي سامان کڻي ويا ڀڃ ڊاھ ڪرڻ تي متاثرن جو پوليس جي اھڙي ناجائزين ۽ بااثر جي ڏاڍين خلاف پورھيت نظير احمد آرائين سندس پٽن منور عباس ضمير حسين آرائين پاران احتجاج ڪندي صحافين اڳيان دانھيندي ٻڌايو ت چيو ت رات دير سان ڪڪڙ پوليس جي ايڊيشنل ايس ايڇ او صالح ابڙو علائقي جي بااثر بخشل عرف ساجن آرائين سليمان قمبر جي ونگار وھندي اسان جي گھر تي بنا جواز چڙھائي ڪري چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي وڏو ظلم ۽ زيادتي ڪئي آھي ھنن وڌيڪ وڌيڪ چيو ت گھر ۾ پيل سونا زيور ۽ ھزارين روپيا روڪ رقم کڻي وئي آھي اسان جي مخالف ڌر سان زمين جو تڪرار آھي جن اسان جي زمين چار ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو آھي جيڪا زمين اسان جي ابن ڏاڏن جي ملڪيت آھي قبضو ڇڏائڻ لاء ھو اسان کي سخت نتيجا ڀوڳڻ ۽ حراسان ڪري رھيا آھن ھڪ سال اڳ مخالف ڌر پاران حراسان ڪرڻ کان پوء صدمي منھجي گھر واري فوت ٿي وئي دانھون ڪوڪون ڪرڻ باوجود پوليس کڙتيل ن ڪڍيو آھي مان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان آء جي سنڌ ڊي آء جي حيدرآباد ايس ايس پي کان مطالبو ٿو ڪيان ت ايڊيشنل ايس ايڇ او صالح ابڙو خلاف قانوني ڪاروائي ڪري لکين روپين جو سون روڪ رقم واپس ڪرائي وڃي ۽ مون سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ عدالت جو در کڙڪائيندس

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.