سنڌ ۾ بدبودار سرداري نظام خلاف مزاحمت جو وقت آهي، سرداري نظام تي پابندي مڙهي وڃي: سڄاڻ ڌريون

سيوھڻ (رپورٽ: خالد ميمڻ)عوامي آواز ميڊيا گروپ پاران سنڌ اندر بدبودار بڻیل سرداري نظام  کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاء (سنڌ جو نعرو ـ سرداري نظام کان ڇوٽڪارو) جي عنوان سان ڏنل سڏ کي ورنائيندي قلندر جي ننگري سيوهڻ  جي باشعور عوام پاران عوامي آواز سٿ سيوھڻ جي ميزباني ھيٺ پریس ڪلب سيوھڻ جي "نور محمد نياز سولنگي” ھال ۾ ڪالهھ هڪ شاندار سيمينار  منقعد ڪيو ويو،  جنهن ۾ سنڌ ۽ سيوھڻ جي شعور سان سلھاڙيل سانڃاه وندن شھرين ۽ مختلف مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ اڳواڻن صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جنهن ۾ سڄاڻ حاضرين سنڌ اندر بنا جواز رائج بنيل بدبودار سرداري نظام کي ڪنهن به صورت ۾ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندي ان نظام کي سنڌ جي وجود لاء ناسور قرار ڏنو آهي ۽ ان نظام خلاف مزاحمت جو دڳ وٺڻ ۽ ان تي پابندي مڙھڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. ان موقعي تي سيمينار کي خطاب ڪندي مختلف تنظيمن سان لاڳاپيل علمي, ادبي, سماجي ۽ سڄاڻ اڳواڻن ۽ شخصيتن امام علي ڏيٿو, تعلقا بار ايسوسيئيشن سيوھڻ جي صدر نجم الدين جتوئي, سيوھڻ سوشل فورم فورم جي اڳواڻ مير مولا بخش نوحاڻي, امام علي نوحاڻي, ڊگري ڪاليج جي پروفيسر الياس ڀٽو, قوم پرست اڳواڻ شبير ملاح, سينيئر صحافي ذوالفقار سولنگي, خالد ميمڻ, ڪي ڪي بڙدي, قادر ڪنڀر, نصرالله انصاري ۽ ٻين چيو ته سرداري نظام کي نام نھاد جمھوري قوتن طاقتور بنايو آهي جنهن سان سبڌ جو فطري حسن داغدار ٿي رھيو آهي ڪارو ڪاري جون ڪڌيون رسمون پڻ سرداري ۽ ڀوتارڪي نظام جي پيداوار آهن پر ھاڻي عوامي شعور بيدار ٿيڻ بعد سرداري نظام مدي خارج ٿي چڪو آهي ۽ انھن جي تڏا ويڙھ ٿي رھي آهي ان ڪري سرداري نظام تي پابندي مڙھڻ گھرجي. ھنن چيو ته  شھيد ناظم جوکيو پنهنجي جان ڏئي سنڌ جي عوام کي سرداري نظام خلاف وڏي آٿت حوصلو ۽ شعور جو دڳ فراھم  ڪيو آهي پر افسوس ته ناظم جوکيو جي بيدردي سان تيل قتل جو ھاءِ ڪورٽ يا سپريم ڪورٽ پڻ نوٽيس نه ورتو آهي اسان جي ذاتين تي سردارن جو ھولڊ آهي ۽ سياسي پارٽيون عوامي مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويون آهن انھن جا چونڊيل نمائندا ڪراچي ۾ ويٺا آهن ته پوءِ مسئلا ڪير حل ڪندو؟. ھنن چيو ته سرداري نظام خوفناڪ نظام آهي ۽ آمدني جو ذريعو بنيل آهي جنهن جي نندا ڪيون ٿا, مشرف جي ناظمي واري دور ۾ وڏيرن ۽ سردارن کي پروموٽ ڪيو ويو ايتري قدر جو مئٽرڪ ۽ انٽر پاس ناظمن کي 20 گريڊ جي آفيسر جي اي سي آر لکڻ جو اختيار ڏنو ويو سنڌ ۾انساني حقن جي لتاڙ جام ٿي رھي آهي حق غضب ڪيا پيا وڃن جيڪڏهن رياست چاھي ته مسئلا حل ٿي سگھن ٿا. سيمينار ۾ شامل باشعور اڳواڻن سنڌ جي عوام کي اپيل ڪئي ته ھو خوف ۽ لالچ مان ٻاھر نڪري مڊل ڪلاس جي ماڻهن کي اڳتي آڻين ۽ کين ھمٿائين ڇو ته سنڌ تي ڪڏهن به ڪو ڏکيو وقت آيو ته سردار نه پر وچولي طبقي جا ماڻهو ئي پنهنجي وجود جي جنگ وڙھندا. ان موقعي تي سجاد ڏيٿو, اشرف عطار, رياض جمالي, عارف ميمڻ, محمد عرس سولنگي, شمس الحق ميمڻ, بھادر سولنگي, فياض سولنگي, محمد حسين جتوئي, اختر علي سولنگي, وقار ملاح, غلام حيدر ڪٽوھڙ  ۽ ٻين سڄاڻ ڌرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.