پني عاقل ۾ چور مسجد جا تالا ٽوڙي سامان چورائي ويا

پنوعاقل (ت ر)پنوعاقل لڳ چورن مسجد جا تالا ٽوڙي لائوڊ اسپيڪر،بيٽري ۽ يو پي ايس سميت سامان چوري کڻي فرار ٿي ويا،ڇنڇر رات ننڍي باغ پئي لڳ نامعلوم چورن مسجد ۾ پيل بيٽري،يو پي ايس،لائوڊ اسپيڪر ۽ ٻيو سامان چوري ڪري کڻي ويا،ان ڏس ۾ مسجد جي امام حافظ عبدالقادر ڪلھوڙو جو چوڻ آھي ته فجر جي نماز وقت جماعت مسجد ۾ گڏ ٿيا سون ته چورن پاران تالا ٽوڙي ڪيل چوري جي واردات ٿيل ھئي.)

  • بلڙي شاهه ڪريم ۾ ثقافتي ڪچهري، سرداري نظام نفرت لائق قرار

بلڙي شاھ ڪريم(ن ع آ) بلڙي شاھ ڪريم ثقافتي ڪچھري سعيد خان لنڊ ۾ سجاڳي فورم جي تقريب علم ادب ۽ صحافت ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙن کي مڃتا ايوارڊ، ناظم جوکيو مزاحمتي ڪردار قرار،  وقار ملاح قومي گيت ڳائي ارباب کوسي الغوزي جا سر ڇيڙي محفل مست ڪري ڇڏي، رپورٽ موجب بلڙي شاھ ڪريم جي يونين ڪائونسل سعيد خان لنڊ ۾ سنڌ آبادگار گرائونڊ تي سنڌ سجاڳي پسند فورم جي  ذوالقرنين لنڊ، اويس ملاح جي ميزباني ۾ جلسي نما ثقافتي ڪچھري جو انتظام ڪيو ويو جنھن ۾ صحافت جي شعبي ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيڻ تي ايڇ آر سي پي ورڪر  ليکڪ ۽ صحافي عثمان پنھور ، ھاري پورھيت حقن لاءِ جاکوڙيندڙ لالبخش لالڻ سٺيو، گورنمينٽ پرائمري اسڪول قادرڏنو شاھ موري تي نجي طور بنا معاوضي ٻارنهن سالن کان ٻار پڙھائندڙ استاد منير سمون، جھوني صحافي عطا مڱريو، حفيظ ميمڻ، ۽ ٻين کي راڳي وقار ملاح، پريس ڪلب بلڙي شاھ ڪريم جي صدر رفيق رند، عباس ملاح، علي حسن رند ، غلام حسين سومرو، ۽ ٻين ھٿان علم ادب صحافت جي ميدان۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيڻ تي مڃتا ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ڏيڻ کان پوءِ ارباب کوسي الغوزي جا سر ڇيڙي ۽ وقار ملاح قومي گيت ڳائي خوب داد حاصل ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.