سيٺارجن لڳ پوليس ڪاهه، ڀڃ ڊاهه، ڦرلٽ، مظاهرو

سيٺارجا  (ن ع آ)پيروسڻ پوليس جي بنا جواز گهرن مٿان چڙهائي, ڀڃ ڊاه , گهرن جو تقدس پائمال, ڳوٺاڻن جو پوليس ۽ بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو تفصيلي خبر موجب پيروسڻ ٿاڻي جي حڊ ڳوٺ نيڪ محمد شر جي رهواسين روشن علي, محبوب علي شر, ذوالفقار علي , مسمات بانو, مسمات ساجده, مسمات حاجل  ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيو آهي ته ھڪ ھفتو اڳ پاڻمرادو  فوت ٿيل ڳوٺاڻي شفيع محمد شر واري واقعي جو ايس ايڇ او پيروسڻ رمضان ميراڻي ۽ پوليس ڳوٺ جي بااثرن امان الله شر ,علي محمد شر, علي احمد شر کان ڳري رشوت وٺي اسان خلاف قتل جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري تنگ ۽ پريشان ڪري آهي گذريل رات پڻ پوليس اسان جي گھرن تي چڙھائي ڪري گھرن ۾ ڀڃ ڊاه ڪري 10 مڻ ڪڻڪ ۽  ڪجهه سامان کڻي وئي آھي  ھنن چيو ته مخالف پوليس جا عملدار ۽ پئسي وارا آهن جن اسان جو  بيگناه جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهن ھنن آء جي سنڌ , ڊي آء جي سکر کان گھر ڪئي ته داخل ڪرايل ڪوڙو ڪيس  ختم ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.