ٽنڊي الهيار لڳ پسند پرڻو نه ٿيڻ تان ناري ڦاهو کائي ڇڏيو

ٽنڊوالهيار  (ڊ ر) ٽنڊوالهيار  ايس ايم ڪاليج جي پرنسپل کيمچند ڀيل جي 17 سالا نياڻي چندا پسند جي شادي نه ڪرائڻ تان گهر جي ڇت ۾ رسو ٻڌي مبينا ڦاهو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو اطلاع تي سلطان آباد پوليس خواجه ڳوٺ پهچي لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاء سول اسپتال ٽنڊوالهيار آندو جتان پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ان موقعي تي سول اسپتال ۾ موجود نينگري جي چاچي ڪيول داس ٻڌايو ته منهنجي ڀائٽي جتان پسند جي شادي ڪرڻ گهري ٿي اسان جي ڌرم ۾ اتان نٿي ٿي سگهي منع ڪرڻ تي چندا دل برداشتا ٿي اهڙو قدم کنيو آهي پوليس موجب نينگري جو پوسٽ مارٽم ڪرايو آهي وڌيڪ جانچ ڪري رهيا آهيون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.