دائوجهانپور لڳ ڪار جي ٽڪر ۾ استاد فوت

دائوجھانپور (ن ع آ) دائوجھانپور لڳ ڳوٺ خان محمد بروھي واسي اين جي اوز ۾ استاد طور ڪم ڪندڙ  موٽر سائڪل سوار 25سالن جو نوجوان طالب حسين بروھي کي سامھون ايندڙ تيز رفتار ايڪس ايل آءِ ڪار صدر ٿاڻي جي  حد ڳڙھي خيرو روڊ توتڙ مل ڀرسان زوردار ٽڪر ھنيو جنھن جي نتيجي ۾ نوجوان ٿڏي تي فوت ٿي ويو وارثن ۽ حد جي پوليس پھچي نوجوان جو لاش سول اسپتال پھچايو اتان ضروري ڪاروائي بعد مڙھ ايمبولينس زريعي سندس ڳوٺ پھچايو فوتي نوجوان جو مڙھ گھر پھچڻ تي سندس گھر ۾ قھرام مچي ويو جڏھن تہ ڪار ڊرائيور ڪار ڇڏي فرار ٿي ويو جڏھن پوليس ڪاروائي ڪندي ڪار کي پھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.