هالاڻي ڀرسان ٽريڪٽر تان ڪري ڊرائيور فوت

هالاڻي(ن ع آ) هالاڻي ڀرسان پير برام شاھ وٽ ٽريڪٽر ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪرڻ سبب ڪلٽي ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ  ڀونگر خان چانگ جو رهواسي ڊرائيور نوجوان 28 ساله عامر حسين پٽ مرحوم خادم حسين چانگ ٽريڪٽر هيٺان اچڻ سبب موقعي تي ئي فوت ٿي ويو جنهن کي رستي ويندڙ ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن لاش ٽريڪٽر هيٺان ڪڍيو. فوتي نوجوان ڊرائيور جو لاش گهر پهچڻ سبب روڄ راڙو پئجي ويو جڏهن ته فوتي نوجوان جي جنازي نماز ۾ برادري جي سوين ماڻھن شرڪت ڪئي ۽ کيس اباڻي قبرستان پير ڏاڏا فقير ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.