لاڙڪاڻي مان هفتو اڳ اغوا ٿيل ناري بازياب

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي مان هفتو اڳ اغوا ٿيل ناري کي پوليس بازياب ڪرڻ بعد عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، ناري جي بيان بعد عدالت کيس وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي شهر جي علي گوهر آباد ٿاڻي جي حد محلا علي گوهر آباد جي رهواسڻ 18 ورهين جي نوجوان ناري نمره ڌيءَ عبدالستار شيخ مبينا طور اغوا ٿي جنهن تي ناري جي پيءُ جي فرياد تي اهڙو ڪيس حد جي علي گوهر آباد ٿاڻي تي داخل ڪرايو ويو هو. اهڙو ڪيس داخل ٿيڻ بعد علي گوهر آباد ٿاڻي جي پوليس شهر جي پراڻي اسٽان واري علائقي ۾ هڪ جڳهه تي ڇاپو هڻي ناري نمرہ شيخ کي بازياب ڪرائي ٿرڊ سول جج ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ وقار جوڻيجو جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي ناري پاران عدالت ۾ 164 جو بيان ڏيڻ بعد عدالت کيس سندس پيءُ عبدالستار حوالي ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان ڪيس جي جاچ آفيسر ٻڌايو ته  اطلاع ملڻ ته پراڻي اسٽان واري علائقي مان ناري کي هٿ ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو جنهن جي بيان بعد سندس پي جي حوالي ڪندي جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي تمام جلد کين گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.