تنگواڻي ۾ ٻن ڌرين جهيڙو، 6 ڄڻا رتورت

تنگواڻي (ن ع آ ) تنگواڻي جي مين بازار ريلوي لائين تي نصيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، ڌرين مين بازار ۾ هڪٻئي مٿان آزادانا ڏنڊا وسائيندا رهيا، جهيڙي دوران پوليس اهلڪار ويڊيو رڪارڊنگ ۾ مصروف ۽ تماشو ڏسندا رهيا،ڌرين کي شهرين وچ ۾ پئي ڇڏرايو،لٺيون لڳڻ سبب معشوق علي نصيراڻي،جمعو نصيراڻي،گدونصيراڻي، صدام سميت 6 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، هوڏانهن زخمي پاڻمرادو ٿاڻي تي پهچي ليٽر وٺڻ بعد علاج لاء اسپتال منتقل ڪيا ويا، هوڏانهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نہ ٿيو نہ ئي ڪا گرفتاري ٿي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.