ملير ڀرسان لائين ڦاٽڻ سبب پاڻي ڳوٺن ۾ داخل

ملير (ڊ.ر): پورٽ قاسم ڪالوني لڳ ڳوٺ بجار خان ڪلمتي ڀرسان گذرندڙ واٽر بورڊ ڪي ڊي اي جي لائين ڦاٽڻ سبب پاڻي ڳوٺ ۾ ڪاھي پيو لکين گيلن پيئڻ جو پاڻي ضايع ٿيڻ لڳو شڪايتن باوجود واٽر بورڊ سميت ڪنھن جي به ڪن تي جوءَ نه سري پاڻي ڳوٺ جي گھرن ۽ گھٽين ۾ داخل ٿي تلاءُ جو ڏيک ڏيڻ لڳو، ڳوٺاڻن پاران احتجاج جو چتاءُ تفصيل موجب پورٽ قاسم ڪالوني لڳ ڳوٺ بجار خان ڪلمتي ڀرسان گذرندڙ واٽر بورڊ ڪي ڊي اي جي لائين گذريل ٻن ڏينهن کان ڦاٽڻ سبب واٽر سپلائي جو ھر روز لکين گيلن پاڻي ضايع ٿي ڳوٺ ۾ ڪاھي پيو آھي جنهن سبب ھڪ طرف لکين گيلن پيئڻ جو پاڻي ضايع ٿيڻ لڳو آھي ته ٻئي طرف پاڻي اسان جي ڳوٺ ۾ ڪاھي پيو آھي جنهن جي بار بار شڪايتن باوجود واٽر بورڊ سميت ڪنھن جي به ڪن تي جوءَ نه ٿي سري انھي سلسلي ۾ صحافين سان ڳالھائيندي ڳوٺاڻن حسن ڪلمتي، عبدالغفور ڪلمتي، عبدالحميد ڪلمتي، غلام حسين ڪلمتي، دائود ملاح ۽ ٻين چيو ته گذريل ٻن ڏينهن کان واٽر بورڊ جي لائين مان روز جي بنياد تي لکين گيلن پاڻي ضايع ٿي رھيو آھي پر انتظاميا اسان جي شڪايت جو نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناھي،ھنن چيو ته انتظاميا جي لاپرواھي سبب پاڻي اسان جي ڳوٺ جي گلين گھرن مسجد توڙي اسڪول ۾ تلاءُ جي صورت ۾ جمع ٿي بيٺو آھي جنهن سبب اسان ڳوٺاڻا مرد توڙي عورتون بزرگ ۽ ٻار شديد مشڪلاتن جو شڪار ٿي ويا آھيون ھنن چيئرمين واٽر بورڊ سيد ناصر حسين شاھ سميت سمورن وس وارن کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي آھي ته فوري طور تي ٽٽل لائين جي مرمت ڪرائي اسان جي گھرن ۽ گھٽين ۾ داخل ٿيل پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.