گپچاڻي ڀرسان سريا هڻي حيسڪو ملازم مرڻينگ

گپچاڻي ( ن ع آ)” بجلي ڇو ڪٽئي “ڳوٺاڻن جو حيسڪوعملدار تي حملو لوهي سريا لڳڻ ڪري حيسڪو ملازم زخمي اسپتال منتقل زخمي جي فرياد تي 7 ڄڻن تي اين سي داخل گرفتاري نہ ٿي خبرموجب گپچاڻي ڀرسان سانگهڙنواب شاھ روڊ تي علي جان بروهي رستي وٽ حيسڪولائين مين  رحمان زرداري مين لائين جي ڊي فٽنگ جو مرمت ڪري رهيو هوتہ ڳوٺ علي نواز زرداري جي رهواسين احمدنواز زرداري ۽ ٻين مٿس لوهي سرين سان حملو ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو   زخمي حيسڪو ملازم رحمان زرداري کي پي ايم يو اسپتال نواب شاھ نيو ويو جتي زخمي حيسڪو ملاز رحمان زرداري ٻڌايو تہ بل نہ پيارڻ سبب هنن جي ڳوٺ جي بجلي ڪٽيل ھئي ۽ مان ڪم پئي ڪيو تہ امداد زرداري ولي محمد الهداد احمدنواز شاهد حسين ۽ محمد بچل زرداري ڏنڊن ۽ لوهي سرين تان مون مٿان حملو ڪري زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا .ٻي طرف ڳوٺاڻي ليمون زرداري جوچوڻ آھي تہ بجلي جو ڪوبہ مسئلو ناهي هن ڳوٺاڻي احمدنواز سان منهن ماري ڪئي  جنهن تان جهيڙو ٿي پيو ھوڏانهن گپچاڻي ٿاڻي تي زخمي حيسڪولائين مين رحمان زرداري جي فريادتي 7 ڄڻن خلاف اين سي داخل ڪئي وئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.