ٽنڊي محمدخان ضلعي ۾ ملن پيڙائي شروع نه ڪئي، آبادگار پريشان

ٽنڊومحمدخان (ڊ ر) ٽنڊومحمدخان ضلعي جي 3 شگر ملن مان هيل تائين صرف هڪ فاران شگر مل ڪمند جي پيڙهائي شروع ڪندي ڪريشنگ جو آغاز شروع ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته 2 سنڌ آباد گار ۽ انصاري شگر ملن جي انتظاميه پاران اڃان تائين شگر ملن کي هلائڻ بابت ڪابه تياري نه ڪئي آهي ٽنڊومحمدخان ضلعي جي 5 مان هر سال صرف 3 شگر ملون ڪمند جي پيڙهائي ڪنديون آهن باقي ٽي ايم ڪي شگر مل ۽ سيري شگر مل ڪافي عرصي کان تڪرارسبب بند پيل آهن شگر ملن جي انتظاميه ڪوبه عمل نه ڪيو آهي ،ان سلسلي ۾ سنڌ آبادگار شگر مل انتظاميه موجب 25 نومبر کان سنڌ آبادگار شگر مل پنهنجي ڪريشنگ جو آغاز ڪري رهي آهي جنهن لاءٌ سموريون تياريون مڪمل آهن ۽ مل جي عملي کي پڻ گهرايو ويو آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.