وفاقي سرڪار زيادتيون ڪري رهي آهي:عزيز جوڻيجو

نئون ڳوٺ (ن ع آ) وفاقي سرڪار زبردستي بل پاس ڪري جھموري روايتن جي خلاف ورزي ڪري رھي آھي اھڙن خيالن جو اظھار خيرپور ناٿن شاه مان چونڊيل پ پ ايم پي اي عبدالعزيز جوڻيجو نئون ڳوٺ ۾ صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته سليڪٽيڊ حڪومت ملڪ ۾ مھانگائي بيروزگاري جو طوفان برپا ڪري عوام کي بکون ڪاٽڻ لاء مجبورڪيوآهي پئٽرول ۽ گيس اڻ لڀ ٿي وئي آھي عوام حڪومت جي پاليسين خلاف سراپا احتجاج آھي پر سليڪٽيڊ وزير اعظم عوام کي ڪو رليف ڏيڻ بدران صرف نه گھٻرائڻ جي تلقين ڪندو رھي ٿو هن چيو ته وفاقي حڪومت جو سنڌ سان ماٽيلي ماء وارو سلوڪ جاري آهي سنڌ سان هو زيادتي ڪري رهيا آهن .وفاق پاران سنڌ کي آفيسر نٿا ڏنا وڃن نه ئي اين ايف سي ايوارڊ تحت سنڌ کي سندس حصي جي رقم ۽ بجيٽ ڏني وڃي ٿي جڏهن ته سنڌ وري سڄي ملڪ کي هلائي ٿي انشاالله ڪا به طاقت نه آهي جو سنڌ جو وار ونگو ڪري سنڌ جون هيء هستيون اولياء سنڌ کي هلائن ٿا ۽ انشاالله سنڌ کي تباه ڪندڙ پاڻ برباد ٿي ويندا ھن چيو ته جلد پ پ جي حڪومت ايندي ۽ عوام ۾ خوشحالي آڻينداسين ٻئي طرف انجنئير عبدالعزيز جوڻيجو درگاھ مخدوم سعدي موساڻي تي حاضري ڀري چادر چاڙھي دعا گھري ساڻس گڏ ڊاڪٽر محراب لاکير جنرل سيڪريٽري تعلقه ميھڙ ‚ زبير خان جوڻيجو ، ممتاز علي جوکيو‚ اعجاز حسين چانڊيو سيد حاڪم شاھ ۽ ٻيا موجود ھئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.