جهمپير ۽ ڀرپاسي بلڊر مافيا جا زميننن تي قبضا، لنگهه بند، احتجاج

ٺٽو(ڊر)ٺٽي ضلعي جي ڪوھستاني پٽي جي رھواسين جي ملڪيتن تي بااثر قبضا مافيا پاران قبضن جون ڪوششون جاري، رھواسي سخت پريشان، بااثر قبضا مافيا خلاف ڪاروائي ڪري انھن مان نجات ڏيارڻ جي گھر ڪري ڇڏي آھي. ان سلسي ۾ ٺٽي جي ڪوھستاني يوسي جھمپير جي ڪوھستاني ڳوٺ وڪيو جاکرو جي رھواسين محمد انور ڪوھستاني جاکرو، واحد جاکرو صحافين سان اڳيان دانھيندي چيو ته ضلعي ٺٽي جي ڪوھستاني يوسي جھمپير ديھه ست ڀاڱي ھڪ جي مڪان فتوجي، آھنواري، ٺورڪيو ڊوبان  ۾ ھزارين ايڪڙ زمينون مقامي رھواسين جون آھن، جن زمينن ۾ سندن قديمي ڳوٺ، قبرستان ۽ مال جا چراھ گاھ موجود آھن، جن تي ڪجھه وقت کان وٺي ہااثر قبضامافيا اکيون وجھي انھن کي ھڙپ ڪرڻ چاھي ٿي، ھنن چيو ته سندن زمينن تي غير قانوني طريقي سان بااثر بلڊر مافيا والارن جو سلسلو جاري ڪري ڇڏيو آھي، جنھن ڪري ھو سخت پريشان آھن،منع ڪرڻ تي کين نقصان جون ڌمڪيون ڏيڻ سميت ھاڻي سندن تاريخي ڳوٺن جا رستا بند ڪري چوپائي مال جي چراھ گاھن تي زبردستي قبضا ڪري کين پنھنجي گھرن تائين محدود ڪري ڇڏيو آھي. ھنن چيو ته ڪوھستان واسين جون ڪير به دانھون ٻڌڻ وارو ناھي. ھنن چيو ته کين اڳ ئي انساني بنيادي سھوليتن صاف پاڻي، صحت، تعليم، روزگار، روڊ، رستي، بجلي، سوئي گئس کان محروم ڪيو ويو آھي، پر ھاڻي سندن ملڪيتن تي قبضا ڪري کين بيدخل ڪري جيئڻ جو حق به کسيو پيو وڃي. ھنن اختيارين، چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته ساڻن انصاف ڪري سندن ملڪيتن تي قبضي جون ڪوششون ڪندڙ بلڊر مافيا خلاف ڪاروائي ڪري سندن ابن، ڏاڏن جي زمينن تي ٿيل قبضا خالي ڪرائي کين سموريون بنيادي سھولتون مھيا ڪري جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.