مومل ماڙي ۾ گهوٽڪي شگر مل انتظاميا خلاف مظاهرو

مومل جي ماڙي ( رپورٽ يونس ڀٽو ) گهوٽڪي لڳ قائم ايس جي ايم شگر مل پاران مقامي ماڻهن کي روزگار نه ڏيڻ ۽ علائقي واسين سان زيادتين ڪرڻ خلاف , مومل جي ماڙي جي سياسي , سماجي اڳواڻن ۽ مقامي بيروزگار نوجوانن جو ڀٽائي چوڪ تي احتجاجي مظاهرو , ان موقعي تي سياسي , سماجي اڳواڻن محمد يوسف , ڪامريڊ لياقت بوزدار , ثناء الله ڀٽو , ڪامريڊ قربان بوزدار , منان ٻرڙو , هدايت الله ڪلادي , صدام بوزدار ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته 10 سال پهرين اسان جي علائقي ۾ شگر مل لڳي ته خوش ٿيا سين ته مقامي ماڻهن کي روزگار ملندو ۽ علائقو ترقي ڪندو , پر 10 سالن اندر نه مقامي ماڻهن کي روزگار نه مليو ۽ نه وري ڪا ترقياتي ۽ فلاهي ڪم ڪرايو ويو , هنن چيو ته شگر مل جي اور لوڊ ڳاڏين مومل جي ماڙي جا روڊ رستا ۽ ڊينيج سسٽم تباھ ڪري ڇڏيو آهي , جڏهن ته تاريخي قبرستان جي ديوار پڻ ڪيترن سالن کان پٽ پيل آهي , پر شگر مل انتظاميه ڪو تحرڪ ناهي ورتو , هنن چيو ته شگر مل اندر آفيسر اشفاق درس مقامي نوجوانن کي روزگار ڏيڻ بجاء پنجاب ۽ ڪي پي ڪي مان ڌاريا گهرائي ڀرتي ڪري ڇڏيا آهن , جڏهن ته مل اندر ڪيترائي سرڪاري ملازمن پڻ ڊبل ڊيوٽي ڪن پيا , هنن چيو ته اڪثر سالن کان ڪم ڪندڙ مقامي نوجوانن کي مل مان بي دخل ڪيو ويو آهي , جيڪي ڪيترا ڀيرا ڊي سي گهوٽڪي کان ليٽر پڻ وٺي آيا آهن پر مل انتظاميه ڊي سي گهوٽڪي جي حڪم کي ٿڏي ڇڏيو آهي , ان موقعي تي مقامي ماڻهن ڇيف جسٽس , سيشن جج ۽ ڊي سي گهوٽڪي کي اپيل ڪئي ته سردار غلام محمد شگر مل خلاف قانوني ڪاروائي ڪري مقامي نوجوانن کي روزگار ڏياري علائقي ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا وڃن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.