ٽنڊي آدم ۾ ڀاڻ بليڪ تي وڪڻڻ خلاف مظاهرو

ٽنڊو آدم (ن ع آ) ٽنڊو آدم ۾ آبادگارن جو ڀاڻ جي بليڪ تي وڪرو ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو رپورٽ موجب ٽنڊو آدم ۾ يوريا ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ٿيڻ ۽ مهانگائي خلاف آبادگارن جو پريس ڪلب اڳيان احتجاج، آبادگارن نبي بخش ملوکاڻي ، اعظم ڀنڀرو ، لياقت بلوچ ۽ الهرکيو ملوکاڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو هنن دانهيندي چيو ته يوريا ڀاڻ جو سرڪاري اگھ 1717 رپيا في ٻوري آھي پر  ڊيلر  اها بليڪ تي 2600 تائين وڪرو ڪري رهيا آھن ۔ جڏهن ته ڊي اي پي 9200 رپيا وڪرو پئي ٿئي ۔ هنن چيو ته اسان کي جنسن جا اگھ مناسب نٿا ملن هڪ ايڪڙ ڪڻڪ تي 30 کان 40 هزار خرچ اچي ٿو هينئر ڊيزل ، ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جا اگھ چوٽ چڙھيا پيا آھن آبادگار طبقو تمام گهڻو پريشان آھي ۽ حڪومت پاران ڪڻڪ جي ٻوري جو اگھ ساڍا 5 هزار مناسب ناهي جنهن سان خرچ به نه لهندو هنن گهر ڪئي ته ڪڻڪ جي في ٻوري جو اگھ گهٽ ۾ گهٽ 7 هزار ڪرڻ سان گڏ ذخيرو ڪري بليڪ تي ڀاڻ وڪرو ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.