قمبر ۾ ڏوهارين خلاف وٺ پڪڙ، 6 ڄڻا گرفتار

قمبر (ڊر) شهدادڪوٽ جي ڊاڪٽر سُمير نور چنہ جي سخت احڪامات تي ڏوهارين خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي ضلع قمبر شهدادڪوٽ پوليس جون روپوش ۽ اشتھاري ڏوھارين خلاف ڪاروائي ڪندي ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس جي سنگين ڪيسن ۾ گھربل (6) روپوش ۽ اشتھاري ڏوھارين کي گرفتار ڪري ورتو آھي۔ جن ۾ عبدالمجيد،انور باراچ،اسماعيل کوکر، ھاشم جاگيراڻي،صادق جاگيراڻي ۽ غوث بخش مغيري شامل آھن۔ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ڊاڪٽر سُمير نور چنہ چيو تہ روپوش ۽ اشتھاري جوابدارن خلاف قمبر شھدادڪوٽ پوليس جون ڪاروائي جاري آھن،،

  • ميرپورخاص ڀرسان قتل ٿيل عورت جي سسي هٿ، وارثن حوالي

ميرپورخاص (بيورورٽ) لڳ ڀڳ 10 ڏينهن اڳ جوابدارن پاران   ثناءُ پنهور کي بيدردي سان ڪهي قتل ڪرڻ بعد لاش جا ٽڪڙا ٽڪڙا ڪري مختلف هندن تي ڪمند جي فصل ۾ لاش ۽ سسي اڇلائڻ واري واقعي کي 8 ڏينهن گذرڻ بعد سٽلائٽ ٽائون پوليس عورت جي سسي هٿ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي آهي. ذريعن موجب ڪند جي فصل ۾ عورت جي سسي ڏسي ڳوٺاڻن پاران حد جي سٽلائٽ ٽائون ٿاڻي جي پوليس کي اطلاع ڏني جنهن تي پوليس قتل جي الزام هيٺ گرفتار جوابدار شوڪت پنهور ۽ عامر پنهور کي پوليس جي پهري ۾ ڪمند جي فصل ۾ آڻي هٿ آيل ثناءُ پنهور جي سسي جي سڃاڻپ ڪرائڻ بعد لاش جي سسي کي سول اسپتال ميرپورخاص پهچايو ويو جتان قانوني ڪاروائي بعد سسي وارثن حوالي ڪئي ويئي.

  • گئس لوڊشيڊنگ تي جلد ضابطو آندو ويندو: گورنر

ٽنڊوالهيار (ڊ ر)پي ٽي آءِ حڪومت اهڙو نظام کڻي اچي رهي آهي جنهن سان عوام کي انصاف ملي اسان گڏيل اجلاس ۾ 32 بل پاس ڪرايا، جيڪا هڪ وڏي ڪاميابي آهي حيدرآباد يونيورسٽي جي مخالفت سنڌ حڪومت ۽ پ پ ڪئي جيڪا افسوس جهڙي ڳالهه آهي اهڙي خيالن جو اظهار گورنر سنڌ عمران اسماعيل ٽنڊوالهيار  ۾ پلھه هائوس تي ضلعي صدر علي پله طرفان ڏنل آجياڻي بعد پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو هن چيو ته پ پ سنڌ ۾ اسڪول بند ڪري رهي آهي پ پ جو اهو سلسلو گهڻو نه هلندو عوام سان تدارڪ ٿيندو اسان جي حڪومت وفاق ۾ آهي سنڌ جي مسئلن جي حل لاءِ ضروري آهي سنڌ ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت هجي .هن چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ پي ٽي آئي جي حڪومت هوندي اسان کي سنڌ ۾ صحت ڪارڊ ڏيڻ نه پيو ڏنو وڃي خبر ناهي ڇو ڊيزائن پسند ناهي جڏهن ته سنڌ کان علاوه سمورن صوبن ۾ صحت ڪارڊ ڏنا ويا آهن آئون سنڌ حڪومت کي چئي چئي ٿڪجي پيو آهيان ته صحت ڪارڊ ڏيو پر هر جڳهه تي بنا رنڊڪ آهي پاڪستان جي اڪانامي وڌي آهي ايڪسپورٽ وڌي آهي بلاول ڀٽو جي معذوري يا مجبوري چئي وڃي ته هو چون ٿا ميمبرن کي هراسان ڪري آندو ويو اجلاس ۾ ته هو پاڻ ڇو آيو هو اجلاس ۾ اچڻ لاء هن کي ڪنهن هراسان ڪيو هو هو بائيڪاٽ جو اعلان ڪن ها گئس جي لوڊشيڊنگ تي جلد ڪنٽرول ڪيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.