سجاول پوليس هٿان کنڀيل نوجوان جي وارثن جو احتجاج

ميرپوربٺور (ن ع آ)ميرپور بٺورو جي وروشاهه پاڙي  جي سيد برداري جي رهواسين سليم شاھ، پوڙهو شاھ، منظور شاهه ۽ ٻين هتي احتجاجڪندي چيو آهي ته هڪ هفتو اڳ سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد کين معلوم ٿيو ته سندن نوجوان الطاف شاھ کي سجاول پوليس ڦر الزام هيٺ گرفتار ڪيو آهي، جنهن بعد هڪ هفتي تائين نوجوان جي ڳولا باوجود نوجوان جي ڪنهن به ٿاڻي تي گرفتاري ظاهر ناهي ڪئي وئي، هنن چيو ته ڦر الزام بعد گرفتاري بعد داخل ايف آئي آر ۾ نوجوان الطاف شاھ کي روپوش ڄاڻائي ڇڏيو آهي جنهن کانپوءِ کين خدشا آهن ته سندن نوجوان جي گرفتاري ظاهر نه ڪرڻ جي پويان پوليس کيس وڌيڪ ڪيسن ۾ ڦاسائڻ چاهي ٿي يا کيس ڪوڙي مقابلي ۾ ماريو ويندو، هنن چيو ته سندن نوجوان اگر ڪنهن ڏوھ ۾ ملوث آهي ته سندس گرفتاري ظاهري ڪئي وڃي، ليڪن سجاول پوليس گرفتار نوجوان کي گم ڪري قانون کان مٿانهون قدم کنيو آهي ۽ روايتي طور تي کيس ڪوڙي مقابلي ۾ مارڻ جي سازش ڪري رهي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته سندن نوجوان جي گرفتاري ظاهر ڪئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.