لاڙڪاڻو پوليس نوجوان گم ڪري ڇڏيو، رشوت طلب، ڌرڻو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي جي ڳوٺ طالباڻي جت جي رهواسين پوليس هٿان مبينا کنڀي گم ڪيل نوجوان نديم جت جي آزادي لاءِ سندس وارثن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي /ڏسو صفحو 2 ڪالم 1

مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي نوجوان جي پيءُ شمس الدين جت پنهنجي مائٽن محمد رمضان جت ۽ عبدالله جت سان گڏجي دانهيو ته گذريل 11 نومبر جي ڏينهن آءُ پنهنجي پٽ نديم ۽ ٻين مائٽن سان گڏجي لاڙڪاڻي جي عدالت ۾ رٿيل ٻڌڻي کان پوءِ واپس ڳوٺ وڃي رهيا هئاسين جن ڪيسن ۾ منهنجو پٽ نديم ضمانت تي به هو. هن الزام لڳايو ته ٻڌڻي بعد اسان شهر جي ايس ايس پي چوڪ وٽ ڪار ۾ تعلقي ٿاڻي جي ايس ايڇ او خادم مگسي، سب انسپيڪٽر عبدالرزاق ٽڳڙ، ايس ايڇ او سي آءِ اي احسان بليدي سميت ٻن پوليس گاڏين ۾ سوار پوليس اهلڪار سرڪاري هٿيارن ۽ وردين سان اسان جو رستو روڪي پٽ نديم جت کي کنڀي کڻي ويا جنهن بعد مون تعلقي ٿاڻي تي وڃي ايس ايڇ او خادم مگسي کان معلومات ورتي جنهن تي هن پٽ جي آزاديءَ لاءِ 50 هزار رشوت ڏيڻ جي گهر ڪئي انڪار تي هن پٽ کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون اهڙي شڪايت مون ڊي آءِ جي آفيس وارن کي لکت ۾ ڪئي پر پوليس آفيسرن خلاف ڪا به ڪاروائي نه ٿي ويتر پوليس عملدار ڌمڪيون ڏئي حراسان ڪري رهيا آهن. هن چيو ته منهنجو پٽ بيگناهه ۽ ڪنهن به ڏوهه ۾ ملوث ناهي پر ان جي باوجود کيس کنڀي گم ڪري ظلم ڪيو ويو آهي تنهن ڪري منهنجي آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ٻين وس وارن کي اپيل آهي ته پٽ کي آزاد ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.