اسلام ڪوٽ ۾ مستانو نوجوان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت

اسلام ڪوٽ(ت،ر) گذريل رات دير سان اسلام ڪوٽ جي مين پرائمري اسڪول اڳيان موجود بجلي جي کنڀي تي چڙهي بجلي جي11 هزار ڪي وي جي تارن ۾ هٿ وجهڻ ڪري 25 ورهين جو نوجوان راجيش ولد سکو ميگهواڙ سڙي فوت ٿي ويو،شهرين موجب نوجوان سنت نيڻورام جي آشرم جي اڳيان بيٺو هو ته اُتي موجود  پوليس اهلڪارن داٻا ۽ دڙڪا ڏيئي نوجوان کي لٺ اُلاري ڊوڙايو،جنهن سبب نوجوان راجيش ڊوڙي سڌو وڃي دعا ميڊيڪل اسٽور وٽ بجلي جي کنڀي تي چڙهيو ۽ هن کي ماڻهن منع ڪئي پر هن 11 هزار ڪي وي جي بجلي جي تارن ۾ هٿ وجهي ڇڏيو،جنهن سبب هو سڙي فوت ٿي ويو،اطلاع تي پوليس پهچي بجلي بند ڪرائي نوجوان جو لاش کنڀي تان لهرائي  تحويل ۾ وٺي سرڪاري اسپتال آندو جتي ضروري ڪاروائي بعد وارثن جي حوالي ڪيو ويو،هوڏانهن انهي سلسلي ۾ رابطي تي ايس ايڇ او اسلام ڪوٽ ٻڌايو ته نوجوان درويش هو پوليس هن کي مارڪٽ نه ڪئي هئي پر هو پاڻ ڊوڙي کنڀي تي چڙهي ويو ۽ تارن ۾ هٿ وجهڻ سبب فوت ٿي ويو وارثن جو به چوڻ آهي ته نوجوان جو دماغي توازن درست نه هو هن ڪافي ڀيرا اهڙيون حرڪتون ڪيون آهن اسان وڌيڪ ڪاروائي نٿا ڪرايون جنهن بعد لاش وارثن جي حوالي ڪيو ويو،علائقي واسين موجب فوتي نوجوان والدين جو اڪيلو پٽ هو ۽ والد به دماغي مريض آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.