اوٻاوڙي ڀرسان هٿياربندن هٿان ناري اغوا، احتجاج

اوٻاوڙو )ت ر) اوٻاوڙو لڳ ڳوٺ آمين چاچڙ جي رهواسين عبدالعفار چاچڙ عبدالوالد چاچڙ مائي جنت خاتون سان گڏ نيشنل پريسڪلب تي پهچي احتجاج ڪندي  عبدالعفار چاچڙ چيو ته ڪجھ مهينا پهرين ڳوٺ جي بااثر جي پٽ خورشيد چاچڙ ولد بشير احمد چاچڙ ۽ ٻيا هٿيارن جي زور تي منهنجي گهر واري کي اغوا ڪري هئا اڃان تائين مون کي منهنجي گهر واري واپس نٿا ڪن جنهن جي مان پنهنجي برادري جي چڱن مڙسن کي دانهن به ڏني آهي پر ڪنهن به مون سان انصاف نه ڪيو آهي ويتر جوابدار ٻيهر هٿيارن سان اسان جي گهر مٿان حملو ڪيو آهي جنهن تي انهن ڊرامو ڪري پاڻ کي معمولي زخمي ڪري ڊاڪٽر نثار سومرو انهن کي پئسن عيوض ڪوڙو سرٽيفڪيٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي اسان غريب آهيون اسان جي ڊي ايڇ او ايس ايس پي گهوٽڪي ڊي آئي جي سکر آئي جي سنڌ کي اپيل آهي ته اسان جي مدد ڪئي وڃي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ مونکي پنهنجي گهر واري موٽائي ڏني وڃي نه ته مان آيس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس اڳيان باھ ڏئي ساڙي ڇڏيندس جنهن جا ذميوار وڏيرا ۽ انتظاميا هوندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.