لاڙڪاڻي ۾ پوليس هٿان کنڀيل واپاري آزاد

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاڻي جي حد سنڌ سمال انڊسٽري سينٽرل جيل روڊ واري علائقي مان 12 ڏينهن اڳ پوليس هٿان مبينا کنڀي گم ڪيل واپاري محمود ڀٽي آزاد ٿي گهر پهچي ويو جنهن جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ تي وارثن کيس ڪراچي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان واپاري محمود ڀٽي صحافين کي ٻڌايو ته 8 نومبر جي ڏينهن منجهند ڌاري آءُ فيضان مدينه مسجد مان نماز پڙهي گهر وڃي هيو هيس ته پوليس موبائيل ۾ موجود اهلڪارن ۽ هڪ اڇي رنگ جي ڪار ۾ ويٺل ماڻهن مون کي کنڀي هڪ لاڪپ ۾ رکي ڇڏيو جتي هنن مون کان پنهنجي ملڪيت لکي ڏيڻ جي گهر ڪئي جنهن تي مون کي ٻڌايو ته ملڪيت منهنجي اڪيلي نه پر منهنجي ڀائرن جي آهي ان تي انهن مون مٿان دٻاءُ وڌو ته پنهنجي ملڪيت ۽ دڪانن جو قبضو ڏيو مسلسل انڪار تي هو مون کي بدترين تشدد جو نشانو بڻائيندا هئا جن مون کي گذريل رات نئون ديرو روڊ وٽ اکين تي پٽي ۽ هٿ پير ٻڌي اڇلائي فرار ٿي ويا بعد ۾ مون فون ذريعي پنهنجي وارثن کي اطلاع ڏنو. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته واقعي ۾ ملوث پوليس ۽ بااثرن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.