ميهڙ ۾ ڳوٺاڻي جو قبضي خلاف احتجاج

ميهڙ (س ر) ميهڙ لڳ ڳوٺ ٺارو ڏيپر جي رهواسي محمد ابراهيم ڏيپر ميڊيا سان ڳالهائيندي ۽ الزام هڻندي چيو ته ڳوٺ جي بااثرن علي مردان نظر عبدالنبي  احسان  ۽ وحيد ڏيپر ممتاز عبدالڪريم احمد علي ڳوٺ جي قديمي مقامن جي زمين کي ڪوري ان تي قبضو آهي هن چيو ته ماستر نظر معصوم ٻارڙن لاء ايندڙ سرڪاري ڪتابن ۽ ڪپڙن کي ٻارڙن کي ڏيڻ بجاء اهي کپائي ڇڏيا آهن هن چيو ته ڳوٺ جي عورتن لاء ايندڙ سرڪاري پيسا به اهي سڀ عورتن کي ڏيڻ بجاء پاڻ هڙپ ڪري وڃن ٿا هن چيو ته هنن سولر پليٽون بيٽريون ۽ سامان به هتان جي غريبن کي بجاء پاڻ ھڙپ ڪيو آهي ۽ ڳوٺ اندر لڳل سولر جي پليٽن جي  نشانن کي به لٽي ڇڏيو آهي هن چيو ته اسلم ڏيپر به مون کي پلاٽ نه ٿو ڏي جنهن جا هن مون کان اڌ پيسا ورتا هئا ۽ هنن ڳوٺ جي هڪ مسجد جو دروازو به بند ڪيو آهي هن چيو مون کي انهن مان جان خطرو آهي هن آء جي سنڌ ڊي جي رينجرس۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته انهن بااثرن خلاف ڪاروائي ڪري مون کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

  • ”  سرداري نظام مان ڇوٽڪارو“  جي سري هيٺ سگهڙ ڪچهري

ميان صاحب ( ن ع آ ) ميان صاحب ڀرسان ڳوٺ پهلوان چانڊيو ۾ عوامي آواز ميڊيا گروپ پاران 5 ڊسمبر تي اعلانيل ايڪتا ڏهاڙي سنڌ جو نعرو سرداري نظام کان ڇوٽڪارو جي عنوان جي آجيان ڪندي سنڌ سگهڙ لوڪ ادب سنگت تنظيم طرفان ايڪتا سگهڙ ڪچهري منعقد ڪرائي وئي جيڪا لائق علي ۽ امداد چانڊيو جي ميزباني هيٺ ٿي ، سگهڙ ڪچهري ۾ سنڌ سگھڙ لوڪ ادب تنظيم ( سلات ) جي مرڪزي صدر استاد گل حسن گل ملڪ ،  پنهل پياسي ٻرڙو ، وزير علي چاچڙ ، قائم الدين مهر ، حاجي اربيلو منگي ، محمد سليمان ڀٽي ، فيض محمد ڀٽي ، ڀورل مهر ۽ ٻين شرڪت ڪئي سگهڙ ڪچهري ۾ سنڌ جو نعرو سرداري نظام کان ڇوٽڪارو جي عنوان بابت مختلف سگهڙن شعر ۽ بيت پڙهيا جڏهن تہ سگهڙن طرفان سگهڙائپ جي صنفن ڏور ڏهس ، بيت ، شعر ، ڏٺ پروليون ، ٽڳڻا ،  گرچيلو ، هُنر ، سينگار ، پهاڪا ، سَت سُريون ۽ ٻيون صنفون پيش ڪري ڪچهري ۾ ويٺل ماڻهن کان واهہ واهہ ڪرائي ڇڏي .

  • ادب قومن جي بهتري لاءِ  تخليق ٿيڻ گهرجي: دودو ڀٽي

سکر(رپورٽر) ادب معاشري ۾ سڌارا آڻڻ ۽ قومن جي بھتري لاء تخليق ٿيڻ کپي ـ سنڌي ادب معاشرتي براين جي خاتمي ۾ مک ڪردار ادا ڪري ٿو ـ اھڙو اظھار سماج سڌارڪ دودو ڀٽيءَ سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر جي ھفتيوار دستوري گڏجاڻيءَ جي صدارت ڪندي ڪيو ـ ھن چيو ته مختصر ڪھاڻين ذريعي سماج جي ترقي ۽ انسان ذات جي ڀلائي لاءِ ڪردار ادا ڪري سگھجي ٿو ـ اڄوڪو اديب پنھنجي اھڙن فرضن کان چڳي ريت واقف آھي ۽ معاشرتي برائن جي خاتمي ۾ اڳڀرو آھي ـ ان موقعي تي سردار پيرزادي بيت ۽ عبدالغني مڱرئي مختصر ڪھاڻي تنقيد لاء پڙھي ـ جنھن تي مجيد نواز مغل سچل ڀٽي دلبر ڀٽو ضيا ڀٽي ڄام سعيد ۽ عبدالرحمان گڏاڻي تنقيدي رايا ڏنا گڏجاڻي ۾ ناليواري نقاد مولانا عزيز الله ٻوھئي ڪھاڻيڪار شوڪت شوري ۽  سينئير صحافي منصور ميراڻي جي وفات تي ڏک جو اظھار ڪيو ويو ـ ھڪ ٻئي ٺھراءُ ۾ مشھور ناظم جوکي واري مامري تي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين کان ترت قانون سازي ڪري ان واقعي جي ذميوارن خلاف ڪيس ھلائي سزا ڏيڻ جي گھر ڪئي وئي  ـ

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.