حاجي سانوڻ ۾ ڀاڻ مهانگو، آبادگار پريشان

حاجي سانوڻ (رپورٽ: نصير سولنگي) حاجي سانوڻ ۾ واپارين زرعي ڀاڻ ۽ دوائن جا  هٿرادو ريٽ مقرر ڪري آبادگارن کي سخت پريشان ڪري ڇڏيو آهي، واپارين هٿان آبادگار ٻنهي هٿن سان ڦرجڻ لڳا، پر انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل آهي. واپارين زرعي ڀاڻ ۽ دوائن جا پنهنجا هٿ ٺوڪيا ريٽ مقرر ڪري بنا ڊپ ۽ خوف جي آبادگارن کي سرڪاري ريٽ کان مٿي پنهنجي مرضي جا ريٽ وصول ڪري هتان جي آباد گارن کي ٻنهي هٿن سان ڦري رهيا آهن، سونا يوريا ڀاڻ جنهن جو سرڪاري ريٽ في ٻوري 1788 روپيه مقرر ٿيل آهي، جڏهن ته واپاري 2200 کان 2300 سئو روپين ۾ وڪرو ڪري رهيا آهن، ڊي اي پي ڀاڻ جنهنجو سرڪاري ريٽ في ٻوري 8050 روپيه آهي ۽ واپاري 9000 روپيه في ٻوري وڪرو ڪري رهيا آهن، 23 ,23 ڀاڻ جنهنجو سرڪاري ريٽ في ٻوري 5300 مقرر ٿيل آهي، اهو واپاري 5700 روپين ۾ وڪرو ڪري رهيا آهن، اهڙي ريت هر قسم جي ڀاڻ توڙي دوائن جا پنهنجا هٿ ٺوڪيا ريٽ مقرر ڪيا ويا آهن، اگهه وڌڻ ڪري آبادگار طبقو ڏينهون ڏينهن ڪنگال ٿيندو پيو وڃي. حاجي سانوڻ جي رهواسي آبادگارن سرڪار کان مطالبو ڪيو آهي ته غير قانوني هٿ ٺوڪيا ريٽ مقرر ڪري آبادگارن ۽ هارين کي ڦريندڙ واپارين خلاف سخت ڪارروائي ڪري آبادگارن کي ڦرجڻ کان بچايو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.