چوهڙ جمالي ۾ سلينڊر مان باهه، 2 ڄڻا زخمي، 4 مسافر خانا ۽ 3 دڪان رک

چوهڙ جمالي  (ن ع آ) چوهڙ جمالي لڳ مشھور درگاھ جلالي بابا تي مسافر خاني ۾ پيل گئس سلينڊر مان اوچتو باھ لڳڻ ڪري چار مسافر خانه ٽي دڪان ۽ هڪ گهر سڙي رک ٿي ويو فائر برگيڊ دير سان پهچڻ ڪري رهواسين پنهنجي مڙسي ڪري باھ تي ڪنٽرول ڪيو باھ وسائيندي ٻه ڄڻا زخمي چوهڙ جمالي لڳ مشھور درگاۡھ جلالي بابا تي عيسي ملاح جي مسافر خاني ۾ گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب اچانڪ باھ لڳڻ ڪري عيسي ملاح پٽيل قادر سولنگي جو مسافر خانو ٻه دڪان عاشق بهاري جو مسافر خانو موهن بهاري جو مسافر خانو بچايو اوٺو جو مسافر خانو حاجي ڦلاڻي جو دڪان ۽ خوشي محمد سولنگي جو گهر سڙي ويا مسافر خانن ۾ پيل بسترا کٽون پڻ سڙي رک ٿي ويون متاثرين باھ اجهائڻ لاء انتظاميه کي بار بار ڪالون ڪندا رهيا پر فائربرگيڊ نه پهتي جنهن بعد رهواسين پنهنجي مڙسي جو مظاهرو ڪندي وڌندڙ باھ تي ڪنٽرول ڪيو ان دوران پاڪ نيوي جون ٻه فائر برگيڊ گاڏيون پهتيون جن باھ تي مڪمل طور تي ڪنٽرول ڪيو باھ اجهائڻ دوران مسافر خاني جو مالڪ عاشق بهاري ۽ هڪ نينگر شفيع بنڙو پڻ زخمي ٿي پيا جن مان هڪ زخمي عاشق بهاري کي ٺٽو ريفر ڪيو ويو آھي.+ باھ متاثرين ٻڌايو ته اسان جو سڀ ڪجھ سڙي ختم ٿي ويو آھي باھ لڳڻ ڪري لکين روپين جو مالي نقصان ٿيو آھي افسوس آھي سجاول ضلعي ۾ ضلع ڪائونسل وٽ ڪا فائربرگيڊ جي گاڏي ناهي اسين پاڪ نيوي وارن جا شڪر جن پنهنجون فائربرگيڊ موڪلي اسان جي مدد ڪئي هنن سنڌ حڪومت کي اپيل ڪئي ته سنڌ حڪومت  پاران اسان جي مدد ڪئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.