مهاڻن جو عالمي ڏينهن ۽ وقت جي گهرج

اڄ مهاڻن جو عالمي ڏينهن آهي. هر سال 21 نومبر جي تاريخ کي ملاحن ڏانهن منسوب ڪيو ويندو آهي. اهڙين ڏينهن کي سال ۾ هڪ ڀيرو ملهائڻ جي معنيٰ اها بلڪل به ناهي ته باقي ڏينهن اندر سندن ڪا اهميت ۽ ضرورت ناهي پر انهن ڏينهن کي واري واري سان مختلف شعبن کي منسوب ڪرڻ جو مقصد اوڏانهن جوڳو ڌيان ڏيارڻ هوندو آهي. ان مخصوص شعبي جو جائزو ورتو  ويندو آهي، هڪ لحاظ کان ان ڏينهن کي احتساب جو ڏينهن به سمجهي سگهجي ٿو.

سو انهن ڏينهن کي ملهائڻ جي بلڪل به تمام گهڻي ضرورت آهي. اُها ٻي ڳالهه آهي ته انهن ڏينهن کي انهن جي روح موجب ملهائجي ٿو يا نه پر اهو ضرور  آهي ته اهو ڏينهن پاڻ ڏانهن ڌيان ضرور ڇڪرائي ٿو. مثال طور اڄ ملاحن جو ڏينهن آهي. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد ملاحن جي ماهيگيري، ان جي ماضي، حال ۽ مستبقل جو جائزو وٺڻ آهي ۽ ان روشني ۾ ان شعبي جي مستقبل لاءِ ڪجهه سوچڻ ۽  ڪرڻ آهي.

مهاڻن جو ذڪر نڪرندو ته ظاهر آهي ته سندن ماهيگيري واري ڪرت آڏو اچي ويندي. ان حوالي ۾ حڪومتي سطح تي فشريز جو کاتو قائم ٿيل آهي. هاڻي مجموعي طور تي ڏسبو ته حڪومت مهاڻن ۽ فشريز جي کاتي لاءِ ڪيترو ڪم ٿيو آهي. مهاڻن جا ڪهڙا حق آهن ۽ اهي کين هن وقت تائين ڪيتري حد تائين ملي چڪا آهن يا ملي سگهن ٿا.

اسان سڀني کي چڱيءَ ريت معلوم آهي ته پنهنجي ملڪ جي معاشري طاقت زراعت، چوپائي مال ۽ مڇين جي ڪاروبار کي آهي پر افسوس ته اسان جي حڪومت انهن ٽنهي شعبن تي اهو ڪم ناهي ڪيو. جيڪو کين ڪرڻ گهرجي. انهن شعبن کي ترقي وٺرائڻ بدران ويتر اهي تباهه ۽ برباد ڪيا آهن نه اسانجي زراعت، نه چوپائي مال ۽ نه ئي فشريز ڪا ترقي ڪئي آهي يعني جديد دور جي حالتن پٽاندڙ انهن شعبن جي واڌ ويجهه لاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو.

ملاحن پنهنجن حقن لاءِ تنظيمون ٺاهيون آهن، انهن تنظيمن جي پليٽ فارم تان وقت جي حڪومتن کي پنهنجا مسئلا ٻڌايا آهن، سيمينار ۽ ورڪشاپ ڪرائي انهن شعبن جي ترقي جا گس ٻڌايا آهن، تجويزون ڏنيون، ٺهراءَ پيش ڪيا آهن، ڍنڍن ڍورن سنڌو درياهه جي حقن لاءِ آواز اٿاريو آهي پر افسوس ته  حڪومتن انهن دانهن ۽ ڪوڪن کي هڪ ڪن مان ٻڌي ٻئي ڪن مان ڪڍڻ جي ريت قائم ڪري ڇڏي آهي  تنهنڪري اڄوڪي مهاڻن جي عالمي ڏينهن توڙي هر سال 21 نومبر تي ملهائجندڙ هن ڏينهن جو اهو ئي مقصد آهي ته وس وارن کي هر هر ياد ڏيارجي ۽ سمجهائجي ته توهان انهن شعبن کي نظر انداز ڪري رهيا آهيو جيڪي اوهان جي مجموعي جياپي جا وسيلا آهن. پنهنجي سڀ کان وڏي معاشي طاقت کي نظرانداز ڪرڻ ايئن آهي جيئن بقول انور پيرزادي جي ته ڪو ماڻهو وڻ جي ان شاخ کي ڪٽيندو هجي. جنهن تي اهو ويٺل هجي. چوڻ جو مقصد ته 21 نومبر 2021 تي ملهائجندڙ مهاڻن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي مجموعي جائزو اهو ٿو نڪري ته جيئن سنڌ اندر درياهه جي صورتحال آهي ته سنڌودرياهه کي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ نٿو ڏنو وڃي، سنڌوءَ کي سڪائي ڀڙڀانگ ڪيو ويو آهي تيئن ئي ملاحن جي ڍنڍن ڍورن جي زندگي ويران ٿي وئي آهي. درياهه ئي ناهي ته مڇي جي پيداوار ڪيتري ٿيندي ۽ مڇي ئي نه هوندي ته مهاڻن، مڇيرن جي حياتي ڪيئن سکي ستابي هوندي. ملاحن جي خوشحالي درياهه جي دم سان آهي، سنڌوءَ جي رواني سان آهي سمنڊ ۾ ان جي ڇوڙ ڪرڻ سان آهي اڄ ملاحن جي زندگي سورن ۾ آهي، هو معاشي حقن کان محروم آهن، ملاحن جو ڍنڍن ڍورن تي ڪو حق ناهي. علائقن جي سردارن جو اتي راڄ آهي ۽ اهي ملاحن کي سندن جوڳو حق نٿا ڏين. ملاحن جي حالت به ان هاري جهڙي آهي جنهن سان وڏيرا شاهي هر دور ۾ ڪلور ڪيا آهن.

ملاحن جي اڄوڪي عالمي ڏينهن تي اسان کي محمد علي شاهه ۽ ارباب ملاح سميت اهي سڀ ملاحن جا اڳواڻ، جاکوڙي ڪردار ياد اچي رهيا آهن. جن ملاحن جون تنظيمون ٺاهي هن شعبي کي زنده رکڻ جا جتن ڪيا آهن. پر حڪومت ڇا ڪيو آهي. ان سوال جو جائزو وٺبو ته ان صرف ۽ صرف تباهي ڏني آهي. سنڌو درياهه سمنڊ تائين ڇوڙ ڪري ته ملاحن جي زندگيءَ جيڪر مالا مال ٿي وڃي پر اهو ڪم حڪومت ناهي ڪري سگهي. سنڌ کي پاڻي جو سئو سيڪڙو حق ملندو ته ملاحن کي به پنهنجا حق ملڻ جو ڪو آسرو ٿيندو.

سنڌو درياهه جي سڪن سان ڀڙڀانگ ٿي وڃڻ جي ذميوار حڪومت آهي، فشري کاتو آهي جيڪي ماهيگيري کي جديد دور جي گهرجن موجب ترقي ته ڏياري نه سگهيا آهن پر سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ئي نه ڏياري سگهيا آهن ته پوءِ ملاحن جو حال ۽ مستقبل ڇو نه اونداهو نظر ايندو.

سو ملاحن جي اڄوڪي عالمي ڏينهن تي ڏسجي ته سنڌ جون حالتون ۽ سنڌي عوام سان گڏ ملاح به غريب کان غريب ٿيندا پيا وڃن. ان صورتحال جي تدارڪ جي تمام گهڻي ضرورت آهي ۽ اڄوڪي عالمي ڏينهن جي تقاضا به اهائي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.