سپريم ڪورٽ جا حڪم، واهن ۽ شاخن تي قبضا برقرار؟

تحرير؛سڪندر ساهووال

انگريز سرڪار اسان کي جيڪو نهري نظام ڏنو، اهو اڄ تائين مضبوط ۽ مربوط آهي، جيڪڏهن انهيءَ نظام کي اسان مضبوط ڪيون ته يقينن ان سان سنڌ صوبي جي ترقي ئي ممڪن آهن. سنڌ جو نهري نظام انگريز دور کان رائج ٿيل آهي، اڄ به سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين ان نظام تحت پاڻي جي پهچ لاءِ واهه، شاخون ۽ واٽر ٺهيل آهن ته جيئن باآساني سان زرعي زمينن تائين پاڻي پهچي. روهڙي ڪينال جي پوڇڙ اڏيرولال اسٽيشن وٽ ختم ٿيئي ٿي. قدرتي طور تي واهن شاخن جي ور وڪڙ ڏهه دري موري کي ايترو ته خوبصورت بڻائي ڇڏيو آهي، جيڪڏهن سنڌ حڪومت ٿورو به ڏهه دري موري تي سرمايو سيڙپ ڪري يا سرمائيدارن کي موقعا فراهم ڪري ته ڏهه دري موري هڪ بهترين سياحتي مرڪز بڻجي سگهي ٿو. ڏهه دري موري کان نڪرندڙ نصير واهه فاضلاڻي موري کان ٿيندو خيرپور کنڀو ضلعي ٽنڊو محمد خان وٽ پوڇڙ ڪري ٿو.

روهڙي ڪينال مان نڪرندڙ نصير واهه لڳ ڀڳ ساڍا 4 لک ايڪڙ زمين کي پاڻي مهيا ڪري ٿو. نصير واهه تي لڳ ڀڳ 30 هزار ننڍا ملازم ڊيوٽيون ڪن ٿا ۽ 4 ايس ڊي او سميت سوين آفيسر پڻ مقرر ٿيل آهن. انگريزن پاران جوڙيل نهري نظام تي هن وقت بااثر ماڻهن جا قبضا برقرار آهن. ايريگيشن عملدارن جو چوڻ آهي تي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جا واضح حڪم ناما جاري ٿيل آهن ته واهن، شاخن تي ٿيل قبضن کي فوري طور تي ڪنهن به صورت ۾ هٽايو وڃي. ايريگيشن عملدارن جو چوڻ آهي ته صرف نصير واهه جي ٻنهي پاسن کان لڳ ڀڳ 450 ايڪڙ زمين جنهن ۾ قيمتي بنگلا پڻ ٺهيل آهن انهن تي بااثر ماڻهن جو قبضو اڄ به برقرار آهي. ايريگيشن جي عملدار ٻڌايو ته نصير واهه جي منڍ ۾ ئي تقريبن 12 ايڪڙ زمين تي ڪالرو، رند ۽ کوسن جو قبضو آهي، جڏهن ته اڏيرولال اسٽيشن جي صالح شاهه موري تي ٻنهي پاسن کان بااثر ماڻهن غيرقانوني قبضا قائم ڪري مارڪيٽون، دڪانون، گودام ۽ هوٽلون تعمير ڪرائي ورتا آهن. ايريگيشن عملدارن جو اهو به چوڻ آهي ته هو سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي پاسداري ڪري ايريگيشن جي زمينن تي ڪيل غيرقانوني قبضن جي نشاندهي ڪري ڇڏي آهي،

ايريگيشن عملدارن جو اهو به چوڻ آهي ته نصير واهه جي ٻنهي پاسن تي غيرقانوني قبضن بابت هنن مختيارڪار مٽياري کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ جيستائين ڊي سي مٽياري حڪمنامو جاري نٿو ڪري تنهن وقت تائين هو مجبور آهن ۽ ڪجهه به ڪري نٿا سگهن. نصير واهه تي مقرر عملدارن جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪمن تحت هنن ٽنڊو سومرو ۾ ايريگيشن جي 16 ايڪڙ زمين تي غلام حسين نالي شخص کان قبضو ڇڏرايو آهي. ايريگيشن عملدار ٻڌايو ته نصير aواهه جي پيٽ کان علاوه 180 فوٽ ٻنهي پاسن تي بااثر ماڻهن قبضا ڪري ورتا آهن.

عملدار جو اهو به چوڻ هو ته صالح شاهه موري وٽ نصير واهه جي ٻنهي پاسن تي غيرقانوني قبضن بابت اعليٰ اختيارين پڻ آگاهي ڏيئي ڇڏي آهي، سندس اهو به چوڻ هو ته جيستائين مختيارڪار مٽياري ماپ ڪري اجازت نه ڏيندو هو مجبور آهن ۽ هن وقت بال مختيارڪار مٽياري جي ڪورٽ ۾ آهي، هو جيڪڏهن سپريم ڪورٽ جي حڪمن تحت آرڊر جاري ڪندو ته ايريگيشن علمدار پوءِ ئي آپريشن جا مجاز هوندا. عملدار جو چوڻ هو ته ايريگيشن کاتي مختيارڪار ۽ ڊي سي مٽياري کي ماپ لاءِ لکي ڇڏيو آهي. ايريگيشن عملدار ٻڌايو ته بااثر ماڻهن نقلي کاتا به تيار ڪرائي ورتا آهن، پر ايريگيشن کاتي اڄ تائين هڪ انچ زمين کي وڪرو نه ڪئي آهي. ڪيل قبضا غيرقانوني آهن، جيڪڏهن مختيارڪار مٽياري ۽ ڊي سي مٽياري چاهي ته نصير واهه تي ٿيل غيرقانوني قبضن کي فوري طور تي ختم ڪرائي سگهجي ٿو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.